سرحد (ن پ ا) سرحد واسي پورهيت جي بيماري سبب هڪ ٽنگ ڪٽجي وئي، ٻِي ٽنگ به ڪٽجڻ جو خطرو، بيماري سبب گهر ۾ فاڪاڪشي واري صورتحال، وس وارن کي علاج توڙي مدد جي اپيل. خبرموجب سرحد بس اسٽاپ وٽ چوڪيداري ڪندڙ پيرسن پورهيت نورحسن ڪوري جي هڪ ٽنگ بيماري سبب خراب ٿي وئي، جنهن کي ڊاڪٽرن ڪٽي ڇڏيو آھي. جڏهن ته ڪجهه ڏينهن کان سندس جي ٻي ٽنگ ۾ به شديد تڪليف پيدا ٿي وئي آھي. غريب پورهيت ۾ علاج جي مالي سگهه نه هئڻ سبب سندس گهرڀاتي فاقاڪشي ۾ زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. هن سرندي وارن ۽ سرڪار کي علاج ۾ مدد توڙي مالي سهائتا جي اپيل ڪئي آھي.