ڊکڻ (ن پ ا) ڊکڻ ۾ نقلي نوٽ هلائيندڙ ٻه ڀائر سوگها، خبر موجب شهر ۾ هڪ هزار جا نقلي نوٽ ڏئي دڪاندارن کي ٺڳيندڙ ٻن ڀائرن صدام بروهي ۽ پرويز بروهي کي پوليس گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي. پوليس ٻڌايو ته جوابدار دڪاندارن کان سامان وٺي نقلي نوٽ ڏئي ٺڳي رهيا هئا ته دڪاندارن پئسا سنڀالي ورتا، جنهن بعد اطلاع تي ڪارروائي ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو. پوليس موجب جوابدارن وٽان 15 هزار رپين جا نقلي نوٽ هٿ ڪيا ويا آهن.