ڳڙهي خيرو (ن پ ا) ايس ايس پي جيڪب آباد بااثر ماڻھن آڏو بيوس بڻيل، ايس ايچ او جي بدلي وارو آرڊر ھڪ ڪلاڪ ۾ واپس وٺي ڇڏيو، خبر موجب ايس ايس پي جيڪب آباد شمائل رياض ملڪ ناقص ڪارڪردگي تي ايس ايچ او ڳڙهي خيرو فدا شيخ کي ھٽائي سندس جاءِ تي رفيق کيڙو کي مقرر ڪيو، فدا شيخ سفارش ڪرائي ھڪ ڪلاڪ اندر پنھنجو بدلي وارو آرڊر ڪينسل ڪرائي ساڳي ئي ٿاڻي تي پاڻ کي مقرر ڪرايو، ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب فدا شيخ سياسي بااثر ماڻھن کان فون ڪرائي پنهنجي بدلي روڪرائي آهي.