فيض گنج (ن پ ا) اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ اسسٽنٽ مختيارڪار ڇاپا هڻي وڌيڪ اگهه وٺندڙ ۽ گهٽ ماپ ڏيندڙ 8 پيٽرول پمپن تي ڇاپا هڻي 75هزار کان وڌيڪ ڏنڊ وصول ڪيو، بعد ۾ پيٽرول پمپ مالڪن پاران معافي وٺڻ تي پيٽرول ٻيهر کولڻ جي اجازت ڏني وئي. اسسٽنٽ ڪمشنرصحافين سان ڳالهائيندي چيوته اوگرا جي مقرر ڪيل ريٽ کان وڌيڪ ريٽ جا اگهه عوام کان ورتا پئي ويا. پمپن تي تيل جي ماپ ڪرائي چيڪ ڪيو ته ٽن کان چار پوانٽ تيل جي ماپ گهٽ هئي جنهن تي ڏنڊ وصول ڪيا ويا آهن.