مهانگائي سٽيل عوام تي هڪ دفعو ٻيهر بجليءَ بم ڪيرايو ويو، بجلي وڌيڪ مهانگي ڪئي وئي

0
29
مهانگائي سٽيل عوام تي هڪ دفعو ٻيهر بجليءَ بم ڪيرايو ويو، بجلي وڌيڪ مهانگي ڪئي وئي
مهانگائي سٽيل عوام تي هڪ دفعو ٻيهر بجليءَ بم ڪيرايو ويو، بجلي وڌيڪ مهانگي ڪئي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) مهانگائي سٽيل عوام تي هڪ ڀيرو ٻيهر بجلي بم ڪيرائيندي بجلي جي قيمتن ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي

بجلي جي اگهن ۾ 2 رپيا 83 پئسا في يونٽ واڌ ڪئي وئي آهي. مارچ جي مهيني جي فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي جي اگهن ۾ هڪ مهيني لاءِ واڌ ڪئي وئي آهي

بجلي جي قيمتن ۾ اضافو هلندڙ مهيني جي بجلي جي بلن تي لاڳو ٿيندو

بجلي جي اگهن ۾ واڌ لائف لائن ۽ ڪي اليڪٽرڪ جي صارفين تي لاڳو نه ٿيندي

سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي طرفان بجلي جي اگهن ۾ واڌ جي درخواست ڏني وئي هئي جنهن کانپوءِ نيپرا واڌ جو اعلان ڪيو آهي