ٽنڊو آدم (ن پ ا) ٽنڊي آدم لڳ ڍنڍو مائينر جي پڇڙي جي آبادگارن پاران زرعي پاڻي جي کوٽ خلاف غلام رسول ڪاتيار، اقبال يوسفزئي، اشرف ڪاتيار، عطا الله مگسي، ارشاد ڪاتيار، علي حسن ڪاتيار جي اڳواڻي ۾ کورکاڻي شاخ تي ٽنڊو آدم حيدرآباد روڊ بلاڪ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، جنهن سبب روڊ جي ٻنهي پاسن کي سوين گاڏيون بيهجي ويون. ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پڇڙي وارن آبادگارن کي هٿ وٺي تباهه ڪيو پيو وڃي، هنن چيو ته ڪڻڪ جي فصل ۾ به اسان پڇڙي وارن کي پاڻي نه مليو جنهن سبب ڪڻڪ جي پيداوار گهٽ ٿي ۽ ھاڻي وونئڻن جو فصل قرض کڻي پوکيو آهي جيڪو پاڻي نه ملڻ ڪري سڪي رهيو آهي جنهن سبب اسان معاشي طور تي تباهه ٿي رهيا آهيون. هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته ملوث آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪري پڇڙيءَ تائين پاڻي پهچائي نقصان کان بچايو وڃي.