شڪارپور /ڊکڻ (نمائندن وٽان) ڊکڻ لڳ ڳوٺ علي خان ٻاهران چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين سڄڻ چانڊيو ۽ ميرخان چانڊيو ۾ ٿيل جهيڙي دوران قتل ٿيل ميرخان چانڊيو جو لاش سندس ڀيڻ حسينا فاروق چانڊيو جي اڳواڻي ۾ 24 ڪلاڪن کان ڊکڻ  ٿاڻي تي رکي ويٺي رهي، صبح سوير ميرخان جو لاش وارث عورتن ۽ مردن کڻائي ڊکڻ ٿاڻي اڳيان شڪارپور رتوديرو نيشنل هاءِ وي تي رڪاوٽون رکي ڌرڻو هنيو، ٽريفڪ معطل ٿي وئي، ان موقعي تي مقتول جي ڀيڻ حسينا فاروق، صغرا خاتون، بلقيس خاتون ۽ ڀاءُ غني چانڊيو ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته جوابدار ڌر سڄڻ چانڊيو ۽ ٻيا بااثر آهن، اسان پڙهيل لکيل فيملي آهيون اسان جي ڀيڻ رضيا کي 2014 ۾ قتل ڪيو ويو هو، ان جو فريادي مقتول ميرخان چانڊيو هو هن کي قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ملنديون هيون، آخر انکي به بيدردي سان قتل ڪري لاش کي چچريو ويو آهي  ۽ غلام شبير کي زخمي ڪيو ويو ۽ سڄو چوپايو مال ڪاهي ويا آهن، ڊکڻ پوليس جوابدارن سان ٻٽ بڻيل آهي.وارثن لاش کڻائي شڪارپور ۾ايس ايس پي آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو، جتي متاثر عورتون ڊکڻ پوليس ۽ قاتلن کي پٽون پاراتا ڏئي رهيا هئا،ان موقعي تي ڊي ايس پي سٽي شڪارپور متاثرين کي جوابدار گرفتار ڪرڻ جو يقين ڏياري ڌرڻو ختم ڪرايو .28 ڪلاڪ بعد پوليس جي سخت پهري ۾مير خان چانڊيو کي اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، هوڏانهن ميرخان چانڊيو جي قتل ڪيس ۾ گهربل هڪ جوابدار عبيد چانڊيو کي راڄوڻي طور وٺي گرفتار ڪرڻ جي دعوا ڪئي آهي،ايس ايڇ او ٻڌايو ته هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ۽ چوپايو مال واپس ڪرايو آهي.