ڏهرڪي (رپورٽ: اعظم سهرياڻي) رائونتيءَ واري ڪڇي ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن، بدنام ڌاڙيل سلطو شر جي مارجڻ ۽ 35 ڏوهارين مٿان انعام مقرر ٿيڻ بعد سنگين ڪيسن ۾ نامزد عمر شر پاڻ کي قانون حوالي ڪرڻ جي مشروط آڇ ڪئي آهي. گذريل ڏينهن جاري ڪيل هڪ وڊيو بيان ۾ عمر شر جو چوڻ آھي اسان ڏوهاري نه آھيون، چار سال اڳ منهنجي پٽ دين محمد شر کي بي گناهه قتل ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ جهيڙو شروع ٿيو، پٽن مٿان ۽ منهنجي مٿان قبائلي جهيڙن جا ڪيس داخل آھن پر منهنجي پٽن، ڀائٽن ۽ سئوٽن کي ڌاڙيل ڄاڻائي ڪروڙين رپيا انعام مقرر ڪيو ويو آھي. هن سنڌ حڪومت، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي تنوير تنيو کي اپيل ڪئي ته جيڪڏهن سرڪار قبائلي تڪرار ختم ڪرائي ته پنهنجي خاندان سميت پاڻ کي قانون جي حوالي ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته هن وقت منهنجي عمر 85  سال آھي، روپوشي واري زندگي گذارڻ نٿو چاهيان. قبائلي جهيڙن سبب ٻارن جي تعليم تباهه ٿي رهي آهي. هن اختيارين کي اپيل ڪئي ته علائقي مان قبائلي تڪرار ختم ڪرايا وڃن ته جيئن ماڻهو سک جو ساهه کڻي سگهن.