جيڪب آباد: جاگير واري علائقي ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو مظهر نواز شيخ، ايس ايس پي جيڪب آباد ڊاڪٽر سمير نور چنا، ايس ايس پي جعفرآباد، ايس ايس پي اوستا محمد مولاداد ٿاڻي تي گڏجاڻي ڪئي، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته اي پي سي چين ۽ بڪتربند گاڏيون گهرائي سخت آپريشن شروع ڪيو ويندو، ايس ايس پي جيڪب آباد ڊاڪٽر سمير نور چنا پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته ايس ايس پي اوستا محمد حسنين اقبال مغوي نوجوان فرقان سومرو جي بازيابي لاءِ ڳجهي اطلاع تي آپريشن شروع ڪيو جڏهن ته سنڌ پوليس کان علائقي بابت مدد ورتي وئي ۽ اسان کي پابند ڪيو ويو ته اوھان علائقي کي ڪڙو چاڙهيو جيئن ڏوهاري فرار نه ٿي سگهن، جڏهن ته فرنٽ تي اينٽي دهشتگري فورس جي مدد سان ڏوهارين جي ٿاڪن تي آپريشن ڪيو ويو، هن چيو ته افسوسناڪ واقعو پيش آيو آهي، جيڪب آباد پوليس پنهنجي بلوچستان پوليس جي ساٿين جي خون کي رائيگان وڃڻ نه ڏيندي