جيڪب آباد: هٿياربندن هٿان شهيد ٿي ويل اي ٽي ايف جو اهلڪار خادم حسين شاهه جو پيءُ سب انسپيڪٽر جلال الدين شاهه به دهشتگردن هٿان شهيد ٿيو هو، خادم شاهه شهيد ڪوٽا تي بلوچستان پوليس ۾ ڀرتي ٿيو هو ۽ اي ٽي ايف ۾ ڊيوٽي سر انجام ڏئي رهيو هو، ڪالهه جاگير واري علائقي ۾ آپريشن دوران ڏوهارين هٿان شهيد ٿي ويو.