جيڪب آباد: بلوچستان پوليس جي 6 اهلڪارن جا مڙهه سول اسپتال ۾ ٻن ڪلاڪن تائين پيل رهيا پر ايس ايس پي جيڪب آباد، ڊي سي جيڪب آباد سميت ڪو به چونڊيل نمائندو سول اسپتال نه پهتو، بلوچستان پوليس جا اهلڪار پنهنجي ساٿين جي شهادت تي ڏکايل هئا، جنهن سبب هنن ميڊيا سان ڳالهائڻ کان لاچاري ظاهر ڪري ڇڏي.