باھو کوسو(رپورٽ: رمضان نوناري) جاگير واري علائقي ۾ آپريشن دوران  شھيد ٿيل 6 اھلڪارن مان ٻن جي جنازي نماز ڊيرالھيار ۽ چئن سپاھين جي جنازي نماز سبي ۾ ادا ڪئي وئي، انسپڪٽر محمد طيب عمراڻي ۽ سپاھي عبدالوھاب پيچوھو جي جنازي نماز پوليس لائين ڊيراالھيار ۾ ادا ڪئي وئي، جنازي نماز ۾ پوليس جي اعليٰ آفيسرن، قبائلي اڳواڻن، شھرين ۽ وارثن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، پوليس جي چاڪ چوبند دستي شھيد اھلڪارن کي سلامي ڏني، سپاھي عبدالوھاب پيچوھو جو مڙھ ڳوٺ ڇتر ۾ سندس اباڻي قبرستان ۾ دفنايو ويو، جڏھن ته انسپڪٽر طيب عمراڻي کي ڊيراالھيار جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.