ڏهرڪي: مقابلو ڄاڻائي ماريل سچل سولنگيءَ جي نياڻي والد جي لاش کي چنبڙي دانهون ڪندي چيو ته بابا چيو ته سيوهڻ کان رانديڪا وٺي ٿو اچان پر بابا جي موت جي خبر ٻڌي سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو. سچل سولنگي جي معصوم نياڻيءَ جي دانهن ۽ ڳوڙهن موقعي تي موجود ماڻهن کي پڻ روئاري ڇڏيو.