جيڪب آباد: ڊيرالھيار ٿاڻي جي حد مان مغوي فرقان علي سومرو کي ڌاڙيلن ڪار ۾ اغوا ڪري سنڌ جي جاگير واري علائقي ۾ رات جي اونداهي ۾ کڻي ويا، صبح جو بلوچستان جي مختلف ٿاڻن جي پوليس، اينٽي دهشتگردي فورسز ۽ سنڌ جي پوليس سان گڏجي جيڪب آباد ويجهو جاگير ۾ مغوي جي بازيابي لاءِ آپريشن ڪيو ته ڌاڙيلن پوليس مٿان جديد ھٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا، جنھن ۾ 6 اھلڪار شھيد ٿي ويا ۽ 2زخمي ٿي پيا، ٻڌايو پيو وڃي ته آپريشن ۾ بلوچستان جي اينٽي دهشتگردي فورسز جا جوان اڳيان ھئا، سنڌ جي پوليس انهن جي پٺيان ھئي، اڳ ۾ ڌاڙيلن سان اي ٽي ايف جي جوانن مھاڏو اٽڪايو، جنھن دوران ڌاڙيلن انهن تي جديد ھٿيارن سان فائرنگ ڪئي، واقعي بعد ايس ايس پي جعفرآباد ۽ ايس ايس پي اوستا محمد جاگير واري علائقي ۾ پھتا ۽ وڏي نفري طلب ڪري علائقي کي ڪڙو چاڙهي ورتو، ايس ايس پي جعفرآباد پنھنجي اخبار سان  ڳالھائيندي چيو ته آپريشن عارضي طور معطل ڪرڻ بعد ٻيھر شروع ڪيو ويو آھي، ڏوھارين جي ھر طرف کان رستا روڪ ڪئي ويندي، شھيد اھلڪارن جو پلاند ڪري مغوي فرقان سومرو کي بازياب ڪرائي موٽنداسين، ايس ايس پي ٻڌايو ته مغوي نوجوان فرقان سومرو بازياب ناهي ٿي سگهيو.