ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ڪراچي جي  اهم روڊن جي مستقل بندش خلاف  درخواست تي ٽريفڪ پوليس عملدارن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ڊي آءِ جي ٽريفڪ ۽ لاڳاپيل ايس او کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿي آواري ٽاور روڊ کي بند ڪرڻ جا سبب پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ڪالهه ٻڌڻي دوران ايس پي ٽريفڪ عدالت کي ٻڌايو ته آواري ٽاور روڊ کي ٽريفڪ جو دٻاءُ گهٽ ڪرڻ لاءِ بند ڪيو ويو آهي. جنهن تي چيف جسٽس پڇيو ته ڊي آءِ جي ٽريفڪ ( اقبال دارا) ڪير آهي؟ ڪٿي هي اهو ته ناهي، جيڪو تيل چوري ۾ پڪڙيو ويو هو؟ ٻڌايو ته روڊ جي بندش سان ڪهڙو فائدو ٿيو آهي؟  چيف جسٽس احمد علي شيخ پوليس عملدارن کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته ٻن سالن کان ڪهڙي قانون تحت روڊ کي بند ڪيو ويو آهي؟ شهر ۾ گاڏيون بمپر ٽو بمپر هلن ٿيون، مٿان وري اوهان اهم روڊ به بند ڪياآهن ؟  جنهن تي درخواستگذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ٽريفڪ پوليس 4 لک رپين ۾ روڊ پارڪنگ لاءِ ٺيڪي تي ڏئي ڇڏيو آهي، جڏهن ته ٽريفڪ پوليس پينوراما روڊ به ٽن لک رپين ۾ پارڪنگ مافيا کي ٺيڪي تي ڏنو آهي. ايس ايم لا ڪاليج روڊ، ايمپريس مارڪيٽ جي سامهون وارو روڊ، سنڌ اسيمبلي روڊ ۽ ڪمال اتاترڪ روڊ  بند ڪيا ويا  آهن،  روڊن جي بندش سبب ڪراچي جي واپاري مرڪزن جي آسپاس سڄو ڏينهن ٽريفڪ جام رهندي آهي.