ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ڏهاڙي تي مظاهرين موجود، هزار رپين جي حساب سان موجود ماڻهن جي مدد سان  سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي خلاف احتجاج ڪيو ويو، ڪالهه آل تاجر ايسوسيئشن ۽ اهليان ڪراچي جا بينر کڻي ڪراچي پريس ڪلب پهتل شهرين سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڊي جي سليم رضا کهڙو ۽ ڊائريڪٽر  جميل ميمڻ خلاف احتجاج ڪيو، سندن هٿن ۾ ٻنهي آفيسرن جون تصويرون پڻ هيون، ان موقعي تي ڳالهائيندي ڪاشف ۽ ٻين  چيو ته سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۾ ڪرپشن جي بازار گرم آهي، پئسن عيوض پلازا ٺاهڻ جي اجازت ڏني وڃي ٿي، هنن مطالبو ڪيو ته بلڊنگ ڪنٽرول جي اختيارين خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، هوڏانهن احتجاج ۾ شامل اورنگي ٽائون جي رهواسي محسن، بهار ڪالوني جي خورشيد بيگم ۽ ٻين چيو ته انهن کي ثاقب نالي شخص هزار رپيا ڏهاڙي تي وٺي آيو هو،  اسان کي اڃا پئسا ناهن  مليا،  مظاهري ۾ شريڪ ماڻهن کي به اها خبر نه هئي ته اهي ڪنهن خلاف احتجاج ڪري رهيا آهن. مظاهري ۾ آيل عورتون ۽ نوجوان ڏهاڙي حاصل ڪرڻ لاءِ شريڪ ٿيا هئا.