ڪوٽڙي (رپورٽر) ڪوٽڙي اسپتال ۾  انتظاميا بي حسي جو مظاهرو ڪندي حادثي ۾ فوت ٿيل نينگر جو لاش نيئڻ  لاءِ ايمبولينس نه ڏني. ڊاڪٽرن جي اهڙي جواب تي فوتي ڇهن سالن جي معصوم ٻارڙي جو لاش ڪوٽڙي اسپتال ۾ هڪ ڪلاڪ تائين سندس چاچو بخشل پنهور هنج ۾ کڻي ويٺو رهيو پر کين ٻارڙي جو لاش کڻي وڃڻ لاء ايمبولينس نه ملي. جنهن بعد معصوم ساگر پنهور جو لاش سندس مائٽ موٽر سائيڪل تي کڻي ماٽٽ گهر روانا ٿي ويا. اسپتال جي ايم ايس بچل شيخ جو چوڻ هيو ته اعلي’ اختيارين کان لکت ۾ منع ٿيل آهي ته لاش لاء ايمبولينس نه ڏيو. ڪوٽڙي جي ڀٽائي ڪالوني بستي روڊ تي ڇهن سالن جي ٻارڙي ساگر پنهور کي رڪشا جو ٽڪر لڳو، تيز رفتار رڪشا ڇهن سالن جي ٻارڙي ساگر ولد منظور پنهور کي ٽڪر هڻي شديد زخمي ڪري وڌو، پاڙي وارا کيس ڪوٽڙي اسپتال  کڻي پهتا پر اسپتال پهچڻ وقت ڊاڪٽرن پاران نينگر جي فوت ٿيڻ جي جي تصديق ڪئي وئي. ٻارڙي جا وارث عورتون مرد به اسپتال  پهتا جيڪي اسپتال  ۾ اڀ ڏاريندڙ دانهون ڪندا رهيا. حادثي سبب رڪشو به ڪلٽي ٿي پيو، رڪشي ڊرائيور شاهد گل به زخمي ٿي پيو جنهن کي حيدرآباد سول اسپتال منتقل ڪيو ويو.