لاهور (م ڊ) ڊسڪا جي اين اي 75 جي علائقي ڪسووال ۾ فائرنگ جي واقعي تي نواز ليگ ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ پوليس کي درخواست ڏئي ڇڏي، نواز ليگ پوليس کي ڏنل درخواست ۾ اقبال راڻا، اعظم، فضل تتلا ۽ وسيم تتلا نامزد آهن، جڏهن ته 10 اڻ ڄاتل ماڻهن جا نالا به شامل آهن. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته چونڊ مهم دوران جوابدارن اسان جون گاڏيون روڪيون ۽ فائرنگ ڪئي، جوابدارن اڳوڻي ايم پي اي ڪنول بيبي کي گاڏي مان لاهي چماٽون هنيون، ۽ اسان جي هڪ ساٿي احمد بٽ کي اغوا ڪري ويا. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته خدشو آهي ته جوابدار مغوي کي ماري ڇڏيندا.