واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي صدر جو بائيڊن جي حڪومت فلسطيني انتظاميا لاءِ ٽرمپ دور ۾ معطل ڪيل امداد بحال ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو جڏهن ته ايران تان پابنديون ختم ڪرڻ جو به اشارو ڏنو آهي. آمريڪي پرڏيهي کاتي موجب فلسطينين لاءِ 235 ملين ڊالرن جي امداد ۾ غزا ۽ اولهندي ڪناري ۾ تعمير ۽ ترقي جا منصوبا شامل هوندا. ان کان اڳ آمريڪا ۾ نئين حڪومت فلسطنين کي ڪورونا وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ 15 ملين ڊالرن جي امداد فراهم ڪرڻ جو به اعلان ڪيو هو. ٻئي طرف آمريڪا عالمي طاقتن سان 2015 ۾ ٿيندڙ ايٽمي معاهدي ۾ ايران جي ٻيهر شموليت لاءِ تهران تي لاڳو پابنديون عارضي طور کڻڻ لاءِ راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي پرڏيهي کاتي جو چوڻ آهي ته واشنگٽن ايران جي عالمي طاقتن سان 2015ع ۾ ٿيندڙ ايٽمي معاهدي تي عمل لاءِ تهران تي لاڳو پابنديون عارضي طور ختم ڪرڻ لاءِ تيار آهي. آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان نيڊ پرائس صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته في الحال ان پوزيشن ۾ ناهيان ته ٻڌائي سگهان ايران تان ختم ٿيندڙ پابنديون ڪهڙيون هونديون؟