اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت اڳوڻي ناڻي وزير اسحاق ڊار جي سينيٽ سيٽ ۽ اڳوڻي گهرو وزير چوڌري نثار خان جي پنجاب اسيمبلي جي سيٽ خالي ڪرائڻ لاءِ تياري مڪل ڪري ورتي آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪابينا جي قانون سازي بابت ڪاميٽي اليڪشن ايڪٽ 2017ع ۾ ترميم منظور ڪئي آهي، جنهن تحت چونڊيل ميمبرن کي چونڊجڻ کانپوءِ 60 ڏينهن اندر حلف کڻڻ جو پابند ڪيو ويو آهي، 60 ڏينهن اندر حلف نه کڻندڙ ميمبرن جون سيٽون خالي تصور ٿينديون، اهڙي ترميم تي ٻڌل مسودو تيار ڪيو ويو آهي، ذريعن مطابق ان ترميم تي ٻڌل آرڊيننس آڻڻ جي تياري ڪئي پئي وڃي، ڪابينا جي منظوري کانپوءِ اهو آرڊيننس جاري ٿيندو، اهڙي آرڊيننس جاري ٿيڻ کانپوءِ اسحاق ڊار جي سينيٽ سيٽ ۽ چوڌري نثار جي پنجاب اسيمبلي جي سيٽ خالي ٿيڻ جا امڪان آهن، چوڌري نثار علي خان جولاءِ 2018ع ۾ ٿيل عام چونڊن ۾ پنجاب اسيمبلي جو آزاد حيثيت ۾ ميمبر چونڊيو هو، جنهن اڃا تائين ميمبر طور حلف نه کنيو آهي، جڏهن ته اسحاق ڊار مارچ 2018ع دوران سينيٽ جو ميمبر چونڊيو ويو هو، جنهن به اڃا تائين ميمبر طور حلف ناهي کنيو.