سيالڪوٽ (م ڊ) ڊسٽرڪٽ مانيٽرنگ آفيسر سيالڪوٽ ڊسڪا چونڊ بابت ضابطن جي ڀڃڪڙي تي فردوس عاشق اعواڻ کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي. پنجاب جي وڏي وزير جي اطلاعات بابت خاص صلاحڪار فردوس عاشق کي جاري ڪيل نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته هن پريس ڪانفرنس ۾ تڪ جي لاءِ ترقياتي پيڪيج جو اعلان ڪيو، جيڪو ضابطا اخلاق جي ڀڃڪڙي آهي. ان کان علاوه ڊسٽرڪٽ مانيٽرنگ آفيسر (ق) ليگ جي اڳواڻ چوڌري سليم باريار کي به شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته سليم باريار 9 اپريل تي تڪ جو دورو ڪيو ۽ 50 ڪروڙ جي ترقياتي پيڪيج جو اعلان ڪيو جيڪو ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي آهي. فردوس عاشق اعواڻ ۽ سليم بريار کي 2 ڏينهن جي دوران جواب داخل ڪرائڻ جي به هدايت ڪئي وئي آهي. جڏهن ته ڊسٽرڪٽ مانيٽرنگ آفيسر پوليس کي خط لکي ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز کي تڪ ۾ داخل ٿيڻ کان روڪڻ جي هدايت پڻ ڪئي، ڊسٽرڪٽ مانيٽرنگ آفيسر پوليس کي هدايت ڪئي آهي ته تڪ مان ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز کي داخل ٿيڻ کان روڪيو وڃي. نويد اشرف، رانا ستار، علي زاهد، ارمغان سبحاني، ذيشان رفيق، بلال فاروق، ملڪ صهيب ۽ بلال اڪبر تڪ جي دوري جو ارادو رکن ٿا. ڊسٽرڪٽ مانيٽرنگ آفيسر هدايت ڪئي ته ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز کي تڪ جي حدن مان ٻاهر رکيو وڃي ڇو ته چونڊ ضابطه اخلاق موجب ڪوبه اسيمبلي ميمبر تڪ جو دورو نٿو ڪري سگهي.