ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) احتساب عدالت اڳوڻي وزيراعظم شاھد خاقان عباسي ۽ ٻين خلاف پي ايس او ۾ غيرقانوني ڀرتين واري ريفرنس جي ٻڌڻي جوابدارن جي وڪيل جي پيش نه ٿيڻ سبب 4 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي، هوڏانهن شاهد خاقان عباسي پيشي بعد ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو آهي ته ھٿياربند فوج جي احترام لاءِ ڪنھن به قانون جي ضرورت ناھي، پنجاب حڪومت 8 يا 10 ايم پي ايز جي اڪثريت سان قائم آهي، جڏهن ته جھانگير ترين وٽ 30 کان وڌيڪ ايم پي ايز آهن. رڳو ترين جي مانجهاندي ۾ 40 اسيمبلي ميمبرن شرڪت ڪئي، پي ٽي آءِ جا وزير ۽ صلاحڪار سرعام تنقيد ڪري رهيا آهن، هن چيو ته عمران حڪومت جو مستقبل ترين جي هٿ ۾ آهي، هن چيو ته 3 سالن ۾ ايف بي آر جي ڇهين چيئرمين جي به مقرري ٿي وئي آهي. اداري جي سربراهه جي عمر 5 مهينا ھوندي ته ڪم ڪيئن ھلندو؟ هن چيو ته ڪنهن کي به خبر ناهي ته ملڪ جو ناڻي وارو وزير ڪير آهي؟ ۽ ڪم ڪير ڪري رهيو آهي؟.. هن چيو ته اسان اي اين پي جي فيصلي جو احترام ڪريون ٿا، مخالف ڌر جو اتحاد مضبوط ٿي رهيو آهي. هن چيو ته نواز ليگ کانسواءِ بي اعتمادي واري ڪا رٿ ڪامياب نه ٿيندي. هن چيو ته جڏھن ھڪ پارٽي جو سينيئر اڳواڻ چئي رھيو آھي ته مون کي دٻائڻ لاءِ ڪيس داخل ڪيا ويا آھن، ان کانپوءِ حڪومت ۽ سندس ادارن جي ساک نٿي بچي. ھن چيو ته جھانگير ترين خلاف داخل ٿيندڙ ڪيسن جو تعلق کنڊ سان ناھي. حڪومت خلاف جيڪو به ڳالھائيندو، ان خلاف ڪارروائي ٿيندي.هن چيو ته فيصل واوڊا ڪراچي واري پنهنجي تڪ ۾ به ڪو ڪم ناهي ڪرايو، اسان ٻين جماعتن سان گڏجي ننڍي چونڊ ڪاميابي ماڻينداسين