ڪراچي(م ڊ) پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ تي پنجاب مان چونڊيل ايم پي اي خرم لغاري چيو آهي ته تحريڪ انصاف جا پنجاب مان چونڊيل 30 اسيمبلي ميمبر جهانگير ترين جي گروپ ۾ شامل آهن. تجزيا نگار بينظير شاهه دعويٰ ڪئي ته خرم لغاري چيو ته انهن 30 ميمبرن کي جهانگير ترين ئي پي ٽي آءِ ۾ آندو هو ۽ جڏهن به چاهي ته جهانگير ترين انهن ماڻهن کي واپس کڻي وڃي سگهي ٿو.