اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي ڪابينا ملڪ اندر ٿيندڙ ڊجيٽل آدمشماري جو عمل جاري رکڻ جو فيصلو ڪري ورتو، هارين کي ڪڻڪ جو ٻج فراهم ڪرڻ لاءِ 3.2 ارب رپين جي منظوري، بجلي سپلاءِ ڪندڙ ڪمپنين ۾ سڌارن لاءِ ڪاميٽي قائم، ڪمپنين جي ڪرپٽ آفيسرن جي لسٽ طلب، تفصيل موجب  وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، وزيراعظم وفاقي ڪابينا کي پنهنجي قازقستان جي دوري کان آگاهه ڪيو، سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر ۾ ٿيل بين الاقوامي ڪانفرنسن خاص طور تي شنگهائي تعاون تنظيم، اقوام متحده جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس، تازو سي آءِ سي اي جي سربراهي اجلاس ۾ وچ ايشيائي رياستن جي سربراهن سان ملاقاتن بابت به ٻڌايو، وزيراعظم چيو ته انهن ملاقاتن ۾ زرعي جنسن، گيس، ريل، روڊ، انفرا اسٽرڪچر، رابطن ۽ توانائي راهدارين بابت ڳالهه ٻولهه بعد اهو طئي ٿيو ته پاڪستان جلد اسلام آباد ۾ وچ ايشيائي رياستن سان تيل، روڊ ۽ توانائي راهداريون قائم ڪرڻ جي حوالي سان اصولي فيصلو ڪندو، وفاقي ڪابينا پاور ڊويزن جي طرفان بجلي چوري، لائن لاسز ۽ انهن نقصانن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ هڪ جامع حڪمت عملي تي تفصيلي بريفنگ ڏني، ڪابينا کي بجلي تقسيم ڪندڙ ڪمپنين (ڊسڪوز) ۾ بجلي جي چوري، لائن لاسز، بلن ۽ وصولين جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو، وزيراعظم پاور ڊويزن کي هدايت ڪئي ته ڪابينا جي ايندڙ اجلاس ۾ ڊسڪوز ۾ انتهائي ضروري اسٽاف جي خالي جاين تي شفاف انداز ۾ ڀرتين لاءِ تفصيلي رپورٽ ڪابينا ۾ پيش ڪئي وڃي، وفاقي ڪابينا لائن لاسز کي گهٽ ڪرڻ لاءِ اسلام آباد ۾ جاري ايڊوانس ميٽر لڳائڻ جي منصوبي کي ملڪ جي ٻين حصن تائين توسيع ڏيڻ ۽ ٽرانسفارمرز تي ايڊوانس ميٽر لڳائڻ جي به اصولي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، وزيراعظم بجلي سپلاءِ ڪندڙ ڪمپنين ۾ سڌارن لاءِ بچاءَ جي وزير خواجا آصف جي سربراهي ۾ ڪاميٽي قائم ڪئي، ڪاميٽي ٻن هفتن ۾ مشاورت ڪري تفصيلي حڪمت عملي تيار ڪري ڪابينا ۾ پيش ڪندي، ڪابينا مهانگي تيل جي متبادل طور گهٽ لاڳت وارن شمسي توانائي جي استعمال کي هٿي ڏيڻ جي منظوري ڏني،  ٻهراڙي جي علائقن ۾ 11 ڪي وي فيڊرن تي ننڍي پيماني تي مقامي نجي سرمائيڪارن کي ننڍا بجلي گهر لڳائڻ جي اجازت ۽ حڪومتي عمارتن کي شمسي توانائي تي منتقل جي اجازت به ڏني وئي، وزيراعظم هدايت ڪئي ته بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين ۾ مقرر ڪرپٽ آفيسرن جي فهرست تيار ڪئي وڃي، وفاقي ڪابينا ڪابينا ڊويزن جي سفارشن تي اي سي سي جي 17 آڪٽوبر 2022ع تي ڪيل فيصلن جي به منظوري ڏني جن ۾ مالي سال 23-2022 لاءِ سسٽين ايبل ڊولپمينٽ گولس اچيومينٽ پروگرام لاءِ 17 ارب رپين جي ٽيڪنيڪل سپلمينٽري گرانٽ جي منظوري، تازي ٻوڏ سبب لکين ايڪڙن تي تيار فصلن جي تباهي کي نظر ۾ رکندي ڪابينا فيصلو ڪيو ته صوبن سان گڏجي هارين کي ايندڙ ڪڻڪ جي فصل لاءِ ٻج جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي، ان لاءِ صوبا ۽ وفاقي حڪومت 50- 50 سيڪڙو فنڊن جي فراهمي يقيني بڻائيندا، ان حوالي سان اي سي سي اين ڊي ايم اي لاءِ 3.2 ارب رپين جي سپلمينٽري گرانٽ، ڪڻڪ جي ٻج جي خريداري ۽ صوبن جي نشاندهي ڪيل ضلعن ۾ تقسيم جي مد ۾ منظور ڪئي، جنهن جي ڪابينا به منظوري ڏئي ڇڏي آهي، وفاقي حڪومت ايندڙ ڪڻڪ جي فصل جي پوکي لاءِ ٻوڏ متاثر علائقن لاءِ ٻج جي خريداري جي ذميواري اين ڊي ايم اي کي ڏئي ڇڏي آهي، وفاقي ڪابينا هلندڙ آدمشماري جي عمل کي ڪنهن به صورت ۾ بنا رڪاوٽ جي جاري رکڻ جي به هدايت ڪئي آهي، ذريعن مطابق وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ وفاقي ڪابينا جي تشريح کي تبديل ڪرڻ جي تجويز تي اصولي طور اتفاق ڪيو ويو آهي ۽ اهو مامرو وفاقي سيڪريٽرين جي ڪاميٽي حوالي ڪيو ويو آهي، وفاقي ڪابينا کي پي آءِ اي  جي آمريڪا موجود هوٽل روز ويلٽ بابت به بريفنگ ڏني وئي.