راولپنڊي (م ڊ) پاڪ فوج جي اعليٰ قيادت ملڪ جي ايٽمي ڪمانڊ ۽ ڪنٽرول سسٽم تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو آهي. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باوجوه جي سربراهي ۾ ٿيل 52هين ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي مضبوط ۽ محفوظ ايٽمي ڪمانڊ ۽ ڪنٽرول اسٽرڪچر ۽ ملڪ جي اسٽريٽجڪ اثاثن بابت سيڪورٽي جي انتظامن تي هڪ ڀيرو وري مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو ويو آهي. آءِ ايس پي آر موجب اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته هڪ ذميوار ايٽمي هٿيار رکندڙ رياست طور پاڪستان پنهنجي ايٽمي سلامتي جي نظام کي مضبوط بڻائڻ لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا آهن. جڏهن ته ملڪ طرفان ڪيل حفاظتي انتظام عالمي معيار موجب آهن. آءِ ايس پي آر موجب ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ ملڪ جي اندروني ۽ ٻاهرين سيڪيورٽي صورتحال ۽ فوج جي آپريشنل تيارين جو به غور سان جائزو ورتو ويو. آءِ ايس پي آر موجب ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ ٻوڏ کان پوءِ ريليف ۽ بحالي جي ڪمن جو جائزو ورتو ويو ۽ خاص طور تي سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ٻوڏ کان پوءِ جي صورتحال تي غور ڪيو ويو. ڪانفرنس ۾ صورتحال ۾ رليف ۽ بحالي جي ڪمن ۾ پاڪ فوج پاران سول انتظاميا کي فراهم ڪيل سهڪار کان آگاهه ڪيو ويو. فارميشنز جي آپريشنل تيارين تي اطمينان جو اظهار ڪندي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سمورن خطرن خلاف مادر وطن جي دفاع لاءِ پاڪ فوج جي عزم کي ورجايو. ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته پاڪ فوج هر قسم جي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ ۽ ملڪ جي دفاع لاءِ تيار آهي.