ننڍن صوبن جا ماڻهو راولپنڊي مان لاش کڻي ويا، ملڪ کي نقصان نه پهچايو: خواجا آصف

0
343
ننڍن صوبن جا ماڻهو راولپنڊي مان

اسلام آباد (بيورو) دفاع واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته ننڍن صوبن جا ماڻهو راولپنڊي مان لاش کڻي ويا پر ملڪ کي نقصان نه پهچايو، اڄ هڪ شخص جو آئيني طريقي سان اقتدار ختم ڪيو ويو ته ملڪ کي نقصان پهچائي رهيو آهي

قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي خواجا آصف چيو ته ماضي ۾ سموري اشرافيه کان غلطيون ٿيون آهن، هاڻي به ملڪ ۾ اقتدار جي جنگ جاري آهي

هن وڌيڪ چيو آهي ته هڪ شخص رياست کي لاڳيتو بليڪ ميل ڪري رهيو آهي، ماضي ۾ سموري اشرافيه کان غلطيون ٿيون آهن، سياستدانن به پنجاهه سالن دوران غلطين مٿان غلطيون ڪيون آهن

هن چيو ته سوات ۾ ڀڙڪيل باهه اسان جي جهولين تائين به پهچي سگهي ٿي، ملڪي وحدت جو تحفظ يقيني بڻائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو

ھي به پڙھندا

مريم نواز کي قتل ڪرڻ جي ڌمڪي: پي ٽي آءِ ڪارڪن جي وڊيو سامھون اچي وئي

مريم نواز کي قتل ڪرڻ جي ڌمڪي: پي ٽي آءِ ڪارڪن جي وڊيو سامھون اچي وئي