اسلام آباد ( م ڊ) تيل پيدا ڪندڙ دنيا جي وڏن ملڪن جي تنظيم (اوپيڪ) جي حوالي سان سعودي عرب خلاف آمريڪا جي بيان تي پاڪستان سعودي سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس مان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان سعودي عرب طرفان عالمي معاشي استحڪام لاءِ مارڪيٽ جي لاهن چاڙهن کان بچڻ جي ڳڻتي کي ساراهي ٿو. پاڪستان اهڙن معاملن تي ڳالهين ۽ هڪٻئي جي احترام تي ٻڌل تعميري سوچ کي همٿائي ٿو. بيان ۾ پاڪستان سعودي عرب سان ڊگهي عرصي کان قائم گهرن لاڳاپن جو عزم ورجايو آهي.