ڪراچي(رپورٽ : فقير سليم) ڪراچي ۾ قتل ٿيل اکين جي ماھر ڊاڪٽر بيربل گيناڻي جا قاتل مھينو گذرڻ باوجود گرفتار نه ٿيا، سندس گھرڀاتي به غير محفوظ،  ان حوالي سان ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي مقتول ڊاڪٽر بيربل جي ڌي ڊاڪٽر سپنا ڪماري ٻڌايو ته سـندس پيءُ کي مصروف ترين روڊ تي سرعام قتل ڪيو ويو آهي، ھڪ مھينو گذرڻ باوجود پوليس قاتلن کي گرفتار ناھي ڪري سگھي، اسان  ڊاڪٽر سان گڏ ڪم ڪندڙ سندس اسسٽنٽ تي شڪ ظاھر ڪيو آھي پر ھن وقت تائين اسانکي خبر ناھي ته والد جو قاتل ڪير آھي؟  جڏهن ته بابا جا قاتل آزادي سان گھمن پيا، جڏهن ته  اسان  پاڻ کي ھاڻي غير محفوظ ٿا محسوس ڪريون ـ ھن مطالبو ڪيو ته سندس پيءُ جي قاتلن کي گرفتار ڪري  کين انصاف ۽ تحفظ فراھم ڪيو وڃي.