اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي پٽ نجم ثاقب جي پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي ٽڪيٽ هولڊر سان ڳالهه ٻولهه جي مبينا آڊيو سامهون آئي آهي. آڊيو ۾ نجم ثاقب کي پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ هولڊر ابوذر چڍڙ سان ٽڪيٽن جي ورهاست جي معاملي تي ڳالهه ٻولهه ڪندي ٻڌي سگهجي ٿو. آڊيو ۾ پي پي 137 جي ٽڪيٽ هولڊر ابوذر چڍڙ ڪال تي پهرين سلام ڪري ٿو جنهن جي جواب ۾ نجم ثاقب جي چوي ٿو، ابوذر چوي ٿو ته اوهان جي ڪوششن رنگ لاتو آهي. جنهن تي نجم ثاقب چوي ٿو ته مون کي انفارميشن ملي وئي آهي. هاڻ اوهان ٻڌايو ڪرڻو ڇا آهي؟ ابو ذر چڍڙ چوي ٿو ته اڃان ٽڪيٽون ڇپرائي رهيا آهيون، اهي ڇپجي وڃن، ان ۾ دير نه ڪريو، ٽائيم تمام گهٽ آهي، نجم ثاقب چوي ٿو ته بس  اوهان بابا سان ملڻ اچي وڃو، ٿورو ادا ڪرڻ جي لاءِ ٻيو ڪجهه نه آهي. ابو ذر چڍڙ چوي ٿو ته جي سر ظاهر آهي، اها ڪهڙي ڳالهه ڪري رهيا آهيو. نجم ثاقب چوي ٿو ته بابا 11 وڳي تائين آفيس اچي ويندو ان سان ملڻ اچي وڃجو، بس، بابا اوهان لاءِ تمام گهڻي محنت ڪئي آهي. ابوذرچڍڙ چوي ٿو ته ٺيڪ آهي سر، مان سوچي رهيو آهيان ته پهريان چاچي سان ملڻ اچان يا شام جو ٽڪيٽ جمع ڪرايان. نجم ثاقب چوي ٿو ته اها اوهان جي مرضي آهي، پر اڄوڪي ڏينهن ۾ ملڻ ضرور اچجو بابا سان. ابوذر چڍڙ  چوي ٿو ته جي ها ضرور مان سڌو ان سان ملڻ ايندس. نجم ثاقب چوي ٿو ته ٽڪيٽ ڇپرايون، اوهان پنهنجي تصوير موڪليو ۽ پوءِ انتظام ڪري آفيس اچو. ابوذر چڍڙ چوي ٿو ته ٺيڪ آهي سر. جڏهن ته هڪ ٻي آڊيو ڪال به سامهون آئي جيڪا نجم ثاقب ۽ ميان عزير وچ ۾ ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه ٻڌائي پئي وڃي جنهن ۾ نجم ثاقب چوي ٿو ته واٽس ايپ ڏسو. ميان عزير چوي ٿو ته ها، اها ابوذر اماڻي آهي اوهان وٽ يا ڊائريڪٽ آئي آهي؟ نجم ثاقب چوي ٿو ته مون وٽ ڊائريڪٽ به اچي سگهي ٿي، ضروري ته نه آهي ته ابوذر ئي اماڻي هر شيءِ. ميان عزير چوي ٿو ته هن جي مٿان کان اچان؟ نجم ثاقب چيو ته اچڻو آهي ته اچي وڃو، مون وٽ ته ان اماڻي آهي. ميان عزير چوي ٿو ته صحيح آهي. نجم ثاقب چوي ٿو ته پوءِ ڪم ڪنهن ڪرايو آهي؟ ڪنهن ٻئي ته ناهي ڪرايو؟ ميان عزير چوي ٿو ته بس صحيح ٿي ويو آهي. نجم ثاقب پڇي ٿو ته پوءِ هاڻ ڇا صورتحال آهي؟. ميان عزير چوي ٿو ته ڳالهائي ٿو وٺان. اوڪي. نجم ثاقب چيو ته ڇا مطلب ڳالهائي ٿو وٺان، سڀ ڪجهه طئي ٿيل هو. ميان عزير چيو ته فون ڪري ڳالهائي ٿو وٺان ته سامان مون ڏانهن اماڻي ڇڏيو. نجم ثاقب چوي ٿو ته سامان اماڻيو نه. هڪ ويهه کان گهٽ نه وٺجو. نه ته تنهنجون ٽنگون ڀڃي ڇڏيندس. ميان عزير چوي ٿو ته يار تون وري فون تي ڳالهيون ڪري رهيو آهين” نجم ثاقب چوي ٿو ته يار عزير منهنجي لاءِ ڪو مسئلو نه آهي. هڪ ويهه کان گهٽ نه وٺجان ان کان، مان ٻڌائي رهيو آهيان، مذاق نه پيو ڪريان، هي وڏي اهم شيءِ آهي. جنهن تي ميان عزير چوي ٿو ته ڀائي جان زبان ڪئي آهي، مان اوڪي ڪريان ٿو. نجم ثاقب چوي ٿو ته ٻي صورت ۾ مان ڊائريڪٽ ٿي ويندس ۽ تون ڪجهه نه ڪري سگهندي،هو آفيس اچي رهيو آهي مون وٽ جمع ڪرائڻ توکي اچڻو آهي تون به اچي وڃ. جنهن تي ميان عزير اوڪي چوي ٿو.