اسلام آباد(م ڊ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته چوڌري ڀائرن کي ويڙهائڻ سياسي سازش جو حصو آهي، چاٻي جا رانديڪا ڪليم الله ۽ سليم الله راند کيڏي رهيا آهن،  سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ شيخ رشيد چيو ته پرويز الاهي جي گهر تي بڪتر بند گاڏين سان چڙهائي فسطائيت ۽ انتهائي غير ذميواراڻو عمل آهي، چوڌري شجاعت کي مذمت ڪرڻ گهرجي ۽ چوڌري سالڪ کي استعيفا ڏيڻ گهرجي.