راولپنڊي (م ڊ) آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته  دشمن عوام ۽ فوج ۾ ڏار وجهڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهي، عوام ۽ پاڪ فوج جي ٻطرفي رشتي کي قائم ۽ دائم رکيو ويندو، رياست جو محور پاڪستان جو عوام آهي، اسان جي پهرين ۽ اهم ذميواري رياست سان وفاداري ۽ هٿياربند فوجن جي آئين سان وابستگي آهي، آرمي چيف جنرل عاصم منير ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول ۾ 147هين  انگ ڪورس جي پاسنگ آئوٽ پريڊ کي خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته اسان لاءِ عوام جي حفاظت ۽ سلامتي کان وڌيڪ مقدس ڪجهه ناهي، ڪو به فرض وطن جي تحفظ کان وڌيڪ اهم نه آهي، فوج اسان جي عظيم قائد جي نظريي تي عمل پيرا آهي جنهن ۾ ذات، رنگ، نسل، جنس يا علائقائي فرق ناهي. اسان پاڙيسرين سوڌو سمورن ملڪن سان امن ۽ دوستاڻا لاڳاپا چاهيون ٿا، اسان جي امن واري خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، فوج وطن جي دفاع لاءِ هر وقت تيار آهي، اسان پنهنجي وطن جي دفاع لاءِ ڪنهن به قرباني کان نه ڪيٻائينداسين، پاڪستان جون هٿياربند فوجون ڪنهن جي به عددي اڪثريت جي رعب ۾ اچڻ واريون نه آهن، اسان کي پنهنجن ظاهر ۽ لڪيل دشمنن کي سڃاڻڻو پوندو، حقيقت ۽ شڪ ۾ فرق رکڻو پوندو، دشمن عوام ۽ فوج وچ ۾ ڏار وجهڻ جي سازش ۾ سرگرم آهي، عوام ۽ پاڪ فوج جي گڏيل رشتي کي قائم رکيو ويندو.  آرمي چيف چيو ته دشمن رياستي ۽ سماجي هم آهنگي کي متاثر ڪرڻ چاهي ٿو، پاڪستان ۾ دهشتگردي لاءِ ڪا جاءِناهي، دهشتگردي جي جنگ ۾ عوام ۽ رياست جو وڏو ڪردار آهي، آرمي چيف چيو ته افغانستان ۾ استحڪام اسان جي سلامتي لاءِ بنيادي حيثيت رکي ٿو، اسان پنهنجي ڪشميري ڀائرن جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکنداسين، ڪشميرين جي حق خود اراديت واري جاکوڙ جي حمايت جاري رهندي، عالمي برادري کي معلوم هجڻ گهرجي ته ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي ۽ پرامن حل کانسواءِ علائقي امن هميشه مبهم رهندو. پاس آئوٽ ٿيندڙ ڪيڊٽس کي سندون ۽ شيلڊز به ڏنيون ويون.