ڪراچي(ڪامرس ڊيسڪ) ڊالر جي اڏام جاري: 227 رپين جي تاريخي سطح تي پهچي ويو، سون 500 رپيا سستو، اسٽاڪ مارڪيٽ ۾  بهتري، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون   500 رپيا لاٿ سان 145200 مان 144700 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته چاندي 1570 رپين تي برقرار رهي، ٻئي طرف ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾3 رپيا واڌ سان 224 مان 227  ۽ انٽر بينڪ ۾ 2.93 رپيا اضافي سان  221.99 مان 224.92 رپيا ٿي ويو، هڪ موقعي تي ڊالر انٽر  بينڪ ۾ 226 رپين تي به پهتو هو، ٻئي طرف  پائونڊ7 رپيا واڌ سان 258 مان 265 ۽  يورو 7.5 رپين جي اضافي سان 218.5 مان 226 رپين تي پهتا، هوڏانهن اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ 2 ڏينهن  جي  بحران  کانپوءِ  بهتري آئي، 100 انڊيڪس  70 پوائنٽن جي  واڌ سان 40459 پوائنٽن تي بند ٿي، ج0هن ته انڊيڪس   398 پوائنٽن تي بينڊ ٿي، ڪالهه 4.49 اربن جا 14 ڪروڙ شيئرز وڪرو ڪيا ويا، جڏهن ته مارڪيٽ ڪيپيٽلائزيشن 9 ارب جي اضافي سان 6818 اربن تي پهتي