سنڌ ۾ برساتن جو سبب ڄاڻائي مڪاني چونڊون ۽ ڪراچي جي ننڍي چونڊ مهيني لاءِ ملتوي

0
207
مڪاني چونڊون ٻيهر ملتوي ڪرائڻ
سنڌ سرڪار ڪراچي ۽ حيدرآباد ڊويزن ۾ مڪاني چونڊون ٻيهر ملتوي ڪرائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن کي خط لکي ڇڏيو

ڪراچي(رپورٽ: اياز بروهي) سنڌ جي 16 ضلعن ۾ 24 جولاءِ تي ٿيندڙ مڪاني چونڊن جو ٻيو مرحلو برساتن جو عذر  ڏئي 28 آگسٽ تائين ملتوي، ڊاڪٽر عامر لياقت جي فوتگي سبب خالي ٿيل قومي اسيمبلي جي سيٽ اين اي 245 تي ننڍي چونڊ وري 21 آگسٽ تي ڪرائڻ جو فيصلو ان ڏس ۾ اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل  پڌرائي موجب سنڌ جي ٻن  ڊويزنن ڪراچي ۽ حيدرآباد جي 16 ضلعن ۾ برساتن جي امڪان ۽ خراب موسم سبب 24 جولاءِ تي ٿيندڙ  مڪاني چونڊون ملتوي ڪيون ويون آهن

جيڪي هاڻ 28 آگسٽ تي ٿينديون، جڏهن ته محرم الحرام ۽ موسم جي صورتحال سبب ڪراچي جي قومي تڪ اين اي 245 تي به اليڪشن ملتوي ڪئي وئي آهي،   جيڪا هاڻ 21 آگسٽ تي ٿيندي، اليڪشن ڪميشن جي ترجمان موجب چونڊون ملتوي ڪرڻ جو فيصلو صوبائي اليڪشن ڪمشنر اعجاز انور چوهاڻ، سنڌ سرڪار، عوام جي درخواستن ۽ موسميات کاتي جي رپورٽ تي ڪيو ويو آهي. ترجمان موجب اليڪشن ڪميشن جو چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اليڪشن ڪميشن مختلف اميدوارن ۽ عوام طرفان ڏنل درخواستن جو جائزو ورتو ويو

  جن ۾ اليڪشن ڪميشن کي برساتن سبب ٿيل نقصان، موجوده موسمي حالتن ڪري محرم الحرام کانپوءِ مڪاني چونڊن جو ٻيو مرحلو ۽ اين اي 245 تي ننڍي چونڊ ڪرائڻ جي درخواستن ڪئي هئي، انهن درخواستن تي غور ڪرڻ کان اڳ صوبائي اليڪشن ڪمشنر ۽ موسميات کاتي کان رپورٽ طلب ڪئي وئي هئي، اليڪشن ڪميشن جي ترجمان موجب موسميات کاتي جولاءِ ۾ چونڊن دوران برساتن جي اڳڪٿي ڪئي

جڏهن ته  صوبائي اليڪشن ڪمشنر پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو ته برساتن سبب آمدرفت جا ذريعا، پولنگ اسٽيشنن جي بلڊنگن کي رسندڙ نقصانن، پولنگ جو سامان پهچائڻ، برساتن سبب عوام کي ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائين ۽ ٻين انتظامي معاملن کي نظر ۾ رکندي چونڊون  ملتوي  ڪري محرم الحرام بعد  چونڊن جي مناسب تاريخن جو اعلان ڪيو وڃي.واضح رهي ته سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي مرحلي  ۾ ٻن ڊويزن ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ 24 جولاءِ تي چونڊون رٿيل هيون

ٻنهي ڊويزنن جي 16 ضلعن مٽياري، ٽنڊوالهيار، حيدرآباد، ٽنڊومحمدخان، ڄامشورو، دادو، بدين، سجاول، ٺٽو، ملير، ڪورنگي، ڪراچي ايسٽ، ڪراچي سائوٿ، ڪراچي ويسٽ، ڪراچي سينٽرل ۽ ڪياماڙي ۾ 3 هزار 822 سيٽن تي 20 هزار180 اميدوار ميدان ۾ هئا، جڏهن  ته 16 ضلعن مان 590 اميدوار بنا مقابلي ڪامياب به ٿي چڪا آهن،  چونڊن لاءِ سمورن ضلعن ۾ 9 هزار 222 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو، جن مان 2 هزار 528 پولنگ اسٽيشنن کي حساس قرار ڏنو ويو هو. جڏهن ته قومي تڪ اين اي 245 تي پيپلز پارٽي، ايم ڪيو ايم، پي ٽي آءِ، پي ايس پي  ۽ آزاد اميدوارن سميت 31 اميدوار بيٺل هئا