مسعود مجيد 3 اپريل تي استعيفا ڏئي چڪو، پئسا ناهن ڏنا: حڪومت

0
184
مسعود مجيد 3 اپريل تي

لاهور/ اسلام آباد (م ڊ) نواز ليگ ۽ حڪومت فواد چوڌري کي ”مفاد چوڌري“ قرار ڏيندي تحريڪ انصاف ميمبرن کي خريدڻ وارو الزام رد ڪري ڇڏيو، پنجاب جي گهرو وزير عطا تارڙ چيو آهي  ته تحريڪ انصاف جي ايم پي اي مسعود مجيد کي 40 ڪروڙ جي آڇ ڪئي هوندي ته الله اسان تي عذاب نازل ڪندو

جيڪڏهن پي ٽي آءِ وارا ڪوڙ ٿا ڳالهائن ته انهن تي الله غذاب نازل ڪري. لاهور ۾ فواد جي الزام تي ردعمل ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عطا تارڙ چيو ته تحريڪ انصاف جي جنهن ايم پي اي کي پيسا ڏيڻ جو الزام هنيو ويو، اهو مسعود مجيد پارٽي کان ناراضگي سبب 3 اپريل 2022ع تي استعيفا ڏئي چڪو آهي، جيڪڏهن فواد چوڌري جو الزام ثابت ٿي ويو ته سياست ڇڏي ڏيندس، هن چيو ته تحريڪ انصاف جي هڪ ايم پي اي جي استعيفا اچي وئي، ٿي سگهي ٿو ته وڌيڪ به استعيفائون اچن، تحريڪ انصاف جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ صرف 100 ماڻهو موجود هئا

عطا تارڙ چيو ته اسانجي ميمبرن جليل شرقپوري ۽ فيصل نيازي استعيفا ڏني پر نواز ليگ اهو نه چيو ته انهن کي پيسا ڏنا ويا، هن فواد چوڌري کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته فواد چوڌري چاچي جي نالي تي رشوت وٺندو رهيو، فواد ايندڙ اليڪشن ڪنهن پارٽي جي ٽڪيٽ تان وڙهندو، ڪا خبر ناهي، هر روز ليڊر تبديل ڪرڻ ۽ ان کي پيءُ چوڻ ٺيڪ ناهي، مون نواز ليگ ۾ اک کولي ۽ اک بند به ساڳي پارٽي ۾ ٿيندي، هن چيو ته عمران جنهن کي پنجاب جو وڏو ڌاڙيل چوندو هو

ان کي ئي وزيراعليٰ پنجاب چونڊيو. ٻئي طرف وزيراعظم جي صلاحڪار بلال اظهر ڪياني چيو آهي ته پي ٽي آءِ ۽ سندس ترجمان ڳوڙ ڳالهائيندا آهن، عمران خان 4 سالن دوران باهه لڳائڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي، اڄ عمران خان جا ڀاڙي جا ترجمان اسان کي سبق پڙهائن ٿا، فواد چوڌري ڪارو ڪوٽ پاتو ته انصاف وڪرو ڪيو، ترجمان بڻيو ته ترجماني کپائي، پارٽي مٽائڻ هن جي عادت آهي

بلال اظهر ڪياني فواد چوڌري کي مفاد چوڌري قرارڏيندي چيو ته مفاد چوڌري چاچو چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ هجڻ واري دور ۾ جيڪو ڪيو، اهو سڀني کي خبر آهي، مفاد چوڌري ڪابه پارٽي ناهي ڇڏي رڳو نواز ليگ هن کي قبول نه ڪيو، مفاد چوڌري پي ٽي وي کي ڪهڙي ريت نيلام ڪيو، سڀني سامهون آهي، پي ٽي وي اسپورٽس جي مقابلي ۾ اي آر واءِ کي سپورٽ ڪيو، ريڊيو پاڪستان جا وڻ به نه ڇڏيا، هي اهو پٽاٽو آهي، جيڪو هر سبزي ۾ پچي ويندو آهي.