زرداري عمران جو ساٿ ڏيڻ تي پرويز الاهي سان ذاتي جنگ جو اعلان ڪيو آهي: حامد مير

0
212
زرداري عمران جو ساٿ ڏيڻ تي پرويز الاهي سان ذاتي جنگ جو اعلان ڪيو آهي: حامد مير
زرداري عمران جو ساٿ ڏيڻ تي پرويز الاهي سان ذاتي جنگ جو اعلان ڪيو آهي: حامد مير

اسلام آباد (م ڊ) نواز ليگ ۽ تحريڪ انصاف پنجاب ۾ حڪمراني لاءِ متحرڪ  ٿي ويون آهن، وفاقي حڪومت حمزه شهباز جي وڏ وزارت بچائڻ لاءِ سرگرم آهي، جڏهن ته تحريڪ انصاف چوڌري پرويز الاهي کي وڏو وزير بڻائڻ جي خواهشمند آهي. هوڏانهن اڳوڻي صدر آصف علي زرداري وزيراعظم شهباز شريف کي مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي آهي

ان ئي سلسلي ۾ هن 2 ڏينهن اڳ ق ليگ سربراهه چوڌري شجاعت سان به ملاقات ڪئي هئي ۽ آصف زرداري طرفان فتح جو اشارو به سياسي ڌرين ۾ بحث جو موضوع بڻجي ويو هو. هاڻ سينيئر صحافي حامد مير دعويٰ ڪئي آهي ته آصف زرداري چوڌري پرويز الاهي کي عمران خان جي سپورٽ کان روڪڻ لاءِ چوڌري شجاعت حسين کي خط لکيو آهي. حامد مير موجب آصف زرداري چوڌري شجاعت حسين کي هڪ خط لکيو آهي، جنهن ۾ هن سبب بيان ڪيا آهن ته ڇو پرويز الاهي عمران خان جي اميدوار طور سامهون نه اچي ۽ ڇو چوڌري شجاعت حسين عمران خان جي اميدوار کي سپورٽ نه ڪري

آصف زرداري چوڌري پرويز الاهي کي چوڌري شجاعت حسين ذريعي چيو آهي ته آئون نواز شريف کي توهان جي وزارت اعليٰ تي راضي ڪيو ۽ توهان منهنجو ٿورو به مڃيو پر وري توهان مون کي ڇڏي عمران خان ڏانهن هليا ويا، تنهن ڪري هاڻ عمران خان جي اميدوار کي روڪڻ منهنجي اخلاقي ذميواري آهي. آصف زرداري چيو آهي ته جيڪڏهن عمران خان جو ساٿ نه ڇڏيوَ ته ان جو مطلب هوندو ته اها منهنجي ۽ پرويز الاهي جي ذاتي ويڙهه آهي

ھي خبر اڄ جي پنھنجي اخبار ۾ لڳي چڪي