ڊالر جي اگهه ۾ لاٿ نه ٿي، اوپن مارڪيٽ ۾ڊالر 169 رپين جو ٿي ويو

0
297

ڪراچي (ڪامرس نيوز) ملڪ جي ناڻي جي مٽا سٽا واري مارڪيٽ ۾ رپيو وري سستو ٿي ويو ۽ اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر هڪ ڀيرو وري 169 رپين جو ۽ انٽربينڪ ۾ 167 رپين کان وڌي ويو آهي. ڪالهه انٽربينڪ ۾ ڊالر 40 پئسا مهانگو ٿي ويو ۽ هڪ ڊالر جي قيمت 167 رپيا 63 پئسا رهي. جڏهن ته اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر هڪ رپيو مهانگو ٿيو ۽ ان جي قيمت هڪ ڀيرو وري 169 رپين کان وڌي وئي. اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قيمت 169 رپيا 10 پئسا ٿي وئي.