ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) ڊالرجي اڏام: 311 رپين تي پهتو: سون پڻ 200 رپيا مهانگو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 200 رپيا واڌ سان 236900 مان 237100 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته چاندي 40 رپيا لاٿ سان 3150 مان 3110 رپيا في تولو تي پهتي، ٻئي طرف ڊالر 2 رپيا اضافي سان 309 مان 311 رپين جي تاريخي حد تي پهتو، جڏهن ته پائونڊ ۽ يورو 2 رپين جي اضافي سان  282.5 مان 384.5 ۽ يورو 331 مان 333 رپين تي بند ٿيا