ڇور(ن پ ا) ڇور پريميئر ليگ سيزن 2 رائونڊ ميچ ٿر ينگسٽر ڪرڪيٽ ڪلب ڇور ۽ پريس ڪلب ڪرڪيٽ ڪلب ڇور وچ ۾ ٿيو، ٿر ينگسٽر ڪرڪيٽ ڪلب ڇور  پھرين بيٽنگ ڪندي مقرر 10 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 172 رنز ٺاھيون. خالد انور سومرو 76 ۽ ايم سومار سميجو 55 رنز ٺاھي نمايان رهيا. جواب ۾ گھربل هدف پٺيان پريس ڪلب ڪرڪيٽ ڪلب ڇور جي ٽيم مقرر 10 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 137 رنز ٺاھي سگھي. پريس ڪلب ڪرڪيٽ ڪلب ڇور طرفان جسونت ڪمار 43 رنز ٺاھيون، اھڙي طرح ٿر ينگسٽر ڪرڪيٽ ڪلب  35 رنز تان مئچ کٽي ورتو. انور سومرو کي پليئر آف دي ميچ جو انعام مھمان خاص مھاويرسنگهه سوڍو ۽ شھزاد سومرو  پاران ڏنو ويو.