ڪارٽيجينا (اسپورٽس نيوز) هڪ عالمي ٽي 20 ميچ ۾ آئل آف مين جي ٽيم اهڙو عالمي رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو جيڪو اها ٽيم ڪڏهن به حاصل ڪرڻ نه پئي چاهي. 26 فيبروري 2023ع تي برطانيا جي نيم خودمختيار رياست جي ڪرڪيٽ ٽيم اسپين خلاف مينز ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ميچ جي گهٽ ترين اسڪور جو عالمي رڪارڊ پنهنجي نانءِ ڪري ورتو آهي. اسپين جي شهر ڪارٽيجينا ۾ کيڏيل ميچ ۾ آئل آف مين جي پوري ٽيم 10 رنز ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي. ٽيم جا 6 رانديگر ٻڙي تي آئوٽ ٿيا جڏهن ته جوزف بروز 4 رنز ٺاهي نمايان رهيو. پوري ٽيم گڏيل طور 8.4 اوورن ۾ آل آئوٽ ٿي. اسپين طرفان محمد ڪامران ۽ عاطف محمود 4-4 وڪيٽون ورتيون. جواب ۾ اسپين 11 رنز جو هدف رڳو 2 بالن تي حاصل ڪيو ۽ 10 وڪيٽن تان ڪاميابي ماڻي.