سن(ن پ ا) سن شھر ۾ شاهه حيدر سنائي جي عرس مبارڪ جي موقعي تي ھر سال جيان ھن سال به سنائي آرٽ سرڪل سن طرفان شنيل يونس جي ڊائريڪشن ۾ سنڌي اسٽيج ناٽڪ “گمراهه” پيش ڪيو ويو. ھن ڊارمي جي ڪھاڻي ھڪ گهراڻي جي چوڌاري گھمي ٿي جنهن گھر جي ھڪ فرد کي ڌاريو ماڻهو نشي جو عادي ڪري سموري گھر جو سڪون برباد ڪري ڇڏي ٿو، ھو پنهنجي ماءُ، پيءُ، ڀيڻ جي عزت نه ٿو ڪري  آخر ۾  ھن کي پنهنجي غلطين جو احساس ٿئي ٿو ۽ هو پنهنجي سموري گھر کان معافي وٺي  ٿو. ڏسندڙن طرفان ڊرامي کي گهڻو ساراهيو ويو. ڊارمي ۾ رفيق ملاح، ليلان ناز، شاھنواز شاھاڻي، نشا علي، سيد ذوھيب شاھ، ساجد سمون، حاڪم شيخ، اصغر مڱڻھار، راجا عنايت سولنگي ۽ ٻين اداڪاري ڪئي جن کي  شيلڊون ڏنيون ويون.