ڪراچي(شوبز نيوز) پاڪستان ميوزڪ انڊسٽري جي نوجوان بلوچي ڳائڻي ڪيفي خليل جو مشهور گيت “ڪهاني سنو” يوٽيوب تي عالمي اعزاز پنهنجي نانءِ ڪري ورتو. ڪيفي خليل جي لکيل ۽ خوبصورت آواز ۾ ڳايل گيت “ڪهاني سنو” يوٽيوب تي دنيا جي 8 مقبول ترين گيتن ۾ جاءِ ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي. بلوچي فنڪار جي هن اردو زبان ۾ ڳايل گيت کي يوٽيوب تي 114 ملين ويوز به حاصل آهن. ڪوڪ اسٽوڊيو جي گيت لبا ياري سان مشهور ڪراچي جي علائقي لياري سان تعلق رکندڙ ڳائڻو ان ڪاميابي تي خدا ۽ مداحن جا ٿورا به مڃيا. ڪيفي خليل يوٽيوب تي گيت جي اسڪرين شاٽ شيئر ڪندي لکيو ته “اوهان سڀني جي دعائن ۽ سپورٽ لاءِ اوهان جو هميشه ٿورائتو رهندس ۽ ڪوشش ڪندس ته اوهان سڀني لاءِ لکنداو رهان جيڪو مان محسوس ڪريان ٿو. ڪيفي پاڪستان سميت دنيا ۾ موجود پنهنجي مداحن کي مخاطب ڪندي لکيو ته مان اوهان سڀني سان مهبت ڪريان ٿو.