لاهور (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان ڇنڇر کان تحريڪ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته جيڪي توهان کي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن کين واپس ڌمڪيون ڏئي ٻڌايو ته آئين مونکي اظهار جي آزادي جو حق ڏنو آهي. لاهور ۾ وڪيلن جي ڪنونشن جي خطاب ڪندي عمران خان وڪلين کي چيو ته ملڪ کي سڀ کان وڌيڪ ضرورت قانون جي بالادستي جي آهي، انصاف جو نظام ٺيڪ نه هوندو ته ملڪي معيشت به ٺيڪ نه ٿيندي، جيستائين ملڪ ۾ قانون جي بالادستي ناهي هوندي، سيڙپڪاريي ناهي ايندي، وڪيلن کي هن ملڪ ۾ قانون ۽ حڪمراني لاءِ ڪم ڪرڻو آهي، مونکي ملڪ جي بهتري لاءِ وڪيلن جي گهرج آهي. عمران چيو ته قانون جي بالادستي نه هجي ته پوءِ ملڪ ۾ ڪرپشن هوندي آهي، آءِ ايم ايف، ورلڊ بينڪ جو چوڻ آهي ته پاڪستان سريلنڪا بڻجڻ طرف وڃي رهيو آهي، اڄ پاڪستان ۾ تاريخ جي سڀ کان وڏي مهانگائي آهي، اسان پاڪستان کي ڌٻڻ مان ڪڍنداسين، جڏهن لانگ مارچ جو سڏ ڏيندس تڏهن قوم سان گڏ توهان وڪيلن کي به نڪرڻو پوندو، اسان گڏجي ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني قائم ڪنداسين ۽ پاڪستان کي حقيقي آزادي ڏيارينداسين،هن چيو ته جيڪڏهن 5 لک پاڪستاني سيڙپڪاري ڪن ته قرض گهرڻ جي ضرورت نه پوندي. هن چيو ته جنهن معاشري ۾ قانون جي حڪمراني ناهي هوندي اهو تباهه ٿي ويندو آهي، جڏهن کان پرڏيهي سازش ڪري مخالف اقتدار ۾ آيا آهن، انهن ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي، اسان اهڙن ماڻهن کي اقتدار ۾ آڻي پنهنجي نوجوان نسل کي اهو پيغام ڏئي رهيا آهيون ته وڏو ڌاڙو هڻو ڇاڪاڻ ته هتي ننڍو چور پڪڙيو ويندو آهي. تحريڪ انصاف جي چيئرمين چيو ته جنهن کي سزا اچڻي هئي اهو وزيراعظم بڻجي ويو ۽ اهو لنڊن وڃي هڪ سزا آيل شخص سان مشورو ڪري رهيو آهي ته پاڪستان جو آرمي چيف ڪير هوندو؟ جيڪو ملڪ جي قومي سلامتي جو سڀ کان وڏو عهدو آهي، ان لاءِ هڪ روپوش شخص ۽ ڪوڙ ڳالهائي ٻاهر ويندڙ شخص فيصلو ڪندو. عمران خان حڪمران اتحاد تي تنقيد ڪندي چيو ته انهن پاڻ مٿان نيب ڪرپشن ڪيسز ختم ڪرائي ڇڏيا، ايجنسين جن جو ڪم قانون جي حڪمراني قائم ڪرائڻ آهي اهي قانون ٽوڙي رهيون آهن، هن ملڪ ۾ طاقتور سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته شينهن جي فوج جو سردار جيڪڏهن گدڙ هجي ته اها فوج هارائي ويندي پر جيڪڏهن 100 گدڙن جو سردار هڪ شينهن هجي ته اها فوج کٽي ويندي.  پي ٽي آءِ چيئرمين وڌيڪ چيو اسان پاڪستان کي دُٻڻ مان ڪڍنداسين، ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني جي ضرورت آهي، جيستائين قانون جو نظام ٺيڪ نه ٿيندو معيشٽ درست نه ٿيندي، امير ۽ غريب ملڪن ۾ قانون جي حڪمراني ۾ فرق آهي، غريب ملڪن ۾ قانون ته آهي پر انصاف ناهي جڏهن ته امير ملڪن ۾ قانون جي ئي حڪمراني آهي. عمران خان ڪارڪنن کي پيغام ڏيندي چيو ته جيڪو اوهان کي نامعلوم نمبرن تان ڌمڪيون ڏئي ان کي واپس ڌمڪي ڏئي ٻڌايو ته اظهار راءِ منهنجو آئيني حق آهي. اڳوڻي وزيراعظم حڪومت خلا تحريڪ جو اعلان ڪندي چيو ته ڇنڇر کان منهنجي تحريڪ شروع ٿي ويندي، جڏهن آئون سڏ ڏيان ته مون سان گڏ نڪرجو، ڪو هڪ اولهه ملڪ ٻڌايو، جنهن جي وزيراعظم جي اربين رپين جي ملڪيت ملڪ کان ٻاهر هجي، ٻين کي ڇڏيو، هن پاڙيسري ملڪ جي نريندر مودي جي ٻاهر ڪيتري ملڪيت آهي؟ ڪوئي تصور به نٿو ڪري سگهي ته ملڪ جو وزيراعظم ٻاهر اربين رپين جي ملڪيت رکي. عمران خان چيو ته اليڪشن کان هي ڀڄي رهيا آهن، هنن کي خبر آهي ته اليڪشن کٽي نٿا سگهن، هي ڪوشش ۾ لڳل آهن ته ڪهڙي ريت ڪرسي حاصل ڪريون، ملڪ ڀلي هيٺ وڃي، جڏهن سمورن مسئلن جو حل صاف ۽ شفاف اليڪشن آهي. ٻئي طرف پي ٽي آءِ جو چوڻ آهي ته جمعي جي ڏينهن مهانگائي خلاف سڄي ملڪ ۾ مظاهرا ڪيا ويندا، عمران خان ڇنڇر تي رحيميار خان ۾ جلسي کي خطاب ڪندو، جنهن ۾ وڌيڪ اعلان جا امڪان آهن. اڳواڻن کي سڄي ملڪ ۾ اسڪرينون لڳائي عمران جو خطاب ٻڌرائڻ جا انتظام ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.