اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف جي 72 رڪني ڪابينا ميمبرن خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي، اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد احمد طرفان داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته 72 رڪني ڪابينا آئين جي آرٽيڪل 92 جي شق هڪ جي ڀڃڪڙي آهي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته درخواست تي هنگامي بنيادن تي ٻڌڻي ڪئي وڃي ۽ ٻڌڻي لاءِ 23 سپٽمبر جي تاريخ مقرر ڪئي وڃي.