اسلام آباد (بيورو رپورٽ) افغان شهرين جي پاڪستان ۾ غيرقانوني موجودگي تي پبلڪ اڪائونٽ ڪاميٽي جي ميمبرن به ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، ڪاميٽي جي چيئرمين نور عالم خان چيو آهي ته افغاني پاڪستان ۾ رهندي پاڪستان لاءِ مرده آباد جا نعرا هڻن ٿا کين هتي رهڻ جو حق ناهي. پي اي سي چيئرمين نور عالم خان جي صدارت هيٺ پبلڪ اڪائونٽ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو

جنهن دوران ڪاميٽي جي ميمبرن افغان شهرين جي پاڪستان ۾ غيرقانوني موجودگي تي ڪيئي سوال اُٿاري ڇڏيا آهن. اجلاس دوران چيئرمين نور عالم خان چيو ته افغان شهرين کي ڪراچي جهڙي شهر ۾ کليل ڇڏيو ويو آهي، ملڪ جي هر شهر ۾ افغاني بنا دستاويزن جي ڦري رهيا آهن جيتوڻيڪ ايران ۽ ٻين ملڪن ۾ افغانين لاءِ ميڪنزم موجود آهي. هن چيو ته پاڪستان جي روڊن تي پاڪستان کي گاريون ڏنيون ويون، پاڪستان ۾ رهندي پاڪستان لاءِ مرده آباد جا نعرا هنيا پيا وڃن

PAC for abolishing free electricity provision to Discos officials

نور عالم خان چيو ته پاڪستان اڳ ئي وڌندڙ آبادي جهڙي سنگين مسئلي کي منهن ڏئي رهيو آهي مٿان وري غيرقانوني ترسيل افغانين ٻار پيدا ڪري ڇڏيا آهن. پي اي سي چيئرمين چيو ته هتي جيڪو دهشتگرد پڪڙيو ويندو آهي اهو افغاني هوندو آهي، ڪراچي ۾ ڌاڙن، ڦرن ۽ چورين ۾ سڀ کان وڌيڪ افغاني ملوث آهن ۽ رڳو ڪراچي ئي نه پر پشاور ۽ اسلام آباد ۾ پڻ اهڙي ئي صورتحال آهي.هن چيو ته افغاني پاڪستان جي ماڻهن جا روزگار کسيا آهن ۽ وري پاڪستان ۾ رهندي پاڪستان مرده آباد جا نعرا هڻي رهيا آهن، جرئت اٿن تي آمريڪا وڃي آمريڪا مرده آباد جا نعرا هڻي ڏيکارين

نور عالم خان چيو ته اسان پاڪستان، لبنان، عراق نٿا بڻائي سگهون، گڏيل قومن کي افغان شهرين کي ڪئمپن ۾ رکڻ لاءِ ڇو ناهي چيو ويو، يو اين کي چيو وڃي ته مرده آباد چوڻ وارن لاءِ هتي ڪائي جڳهه ناهي. پي اي سي چيئرمين چيو ته جيڪي ماڻهو رجسٽرڊ ناهن کين واپس پنهنجي ملڪ موڪليو وڃي. اجلاس دوران سينيٽر سليم مانڊوي والا انڪشاف ڪيو ته دبئي مان 380 ماڻهن کي ڊي پورٽ ڪيو ويو آهي جن وٽ پاڪستاني پاسپورٽ هو، جنهن تي نور عالم خان چيوته اندازو لڳايو ته پاڪستان خلاف نعريبازي ڪندڙن وٽ پاڪستاني پاسپورٽ هو. پبلڪ اڪائونٽ ڪاميٽي دبئي مان ڊي پورٽ 380 افغانين جي فهرست طلب ڪري ورتي ۽ چيو ته غيرقانوني افغان شهرين کي ڪئمپن ۾ رکيو وڃي ۽ جيڪڏهن کين ڪئمپن ۾نٿو رکي سگهجي ته واپس افغانستان موڪلين

نور عالم خان چيو ته جئين ٻاهرين ملڪن ۾ پناهگيرن لاءِ ڪئمپ آهن هتي به ائين ئي ڪيو وڃي، پاڪستان ۾ اهي روزگار لاءِ اهل ناهن، ڇو جو هڪ ته اهي ٽئڪس ناهن ڏيندا ۽ گڏوگڏ اسمگلنگ ۾ پڻ ملوث آهن. ڪاميٽي کي  نادرا چيئرمين ٻڌايو ته سرحد پار کان ايندڙ افغانين لاءِ بائيو ميٽرڪ سسٽم ذريعي ڊيٽا گڏ ڪئي پئي وڃي ۽ جن افغان شهرين سڃاڻپ ڪارڊز حاصل ڪيا سندن ڪارڊز رد ڪيا پيا وڃن. نور عالم خان نادار چيئرمين کان سوال ڪيو  ته توهان کي خبر آهي ته ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ افغانين کي سڃاڻپ ڪارڊ ڏنا ويا آهن؟ جنهن تي نادار چيئرمين چيو ته توهان وٽ افغان شهرين جي سڃاڻپ ڪارڊ جي ڊيٽا آهي ته اسان کي فراهم ڪيو