اسلام آباد: اڳوڻي سينيٽر مصطفيٰ نواز کوکر چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن ايتري نازڪ آهي جو سياستدانن جي ڏنل بيانن تي ڪيس داخل ڪرائي رهي آهي، اهڙن قدمن سان ان جي رهيل ساک کي به نقصان پهچندو،  سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي مصطفيٰ نواز کوکر چيو ته پاڻ وٽ توهين اليڪشن ڪميشن جا اختيار آهن ته پوءِ پوليس جي ذريعي گرفتاري ڇو؟ ڇا هاڻي اليڪشن ڪميشن به حساس اداري طور ڳڻيو ويندو.