ڪراچي (رپورٽ:فقير سليم) سنڌ اسمبلي جي آفيسرن وچ ۾ سرد جنگ بعد معطل ٿيل سينيئر  اسپيشل سيڪريٽري خلاف اسمبلي جي اسپيڪر چارج شيٽ جاري ڪندي ستن ڏينهن ۾ جواب طلب ڪري ورتو آهي، سنڌ اسمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني پاران سينيئر اسپيشل سيڪريٽري محمد خان رند کي جاري ڪيل  چارج شيٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته مجاز اختياري جي اجازت کانسواءِ توهان آڊيٽر جنرل کي فارينسڪ آڊٽ لاءِ ڪيئن لکيو؟  سنڌ اسمبلي جي گاڏي استعمال ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ آءِ جي سنڌ کي خط ڪنهن جي اجازت سان لکيو؟ ۽ ڪهڙو ثبوت هو ته اڻ لاڳاپيل ماڻهو گاڏيون استعمال ڪن ٿا؟ عدالت ۾ آفيسرن سميت سمورن ملازمن جي لسٽ بنا ڪنهن اختياري جي اجازت جي ڇو جمع ڪرائي؟ عدالتن ۾ مختلف ڪيسن ۾ پاڻمرادو ڪمينٽس ڇو جمع ڪرايا، جڏهن توکي اهڙي ڪا ذميواري نه ڏني وئي هئي، رڪارڊ ۾ هيرا ڦيري جي جاچ لاءِ ايف آءِ جي ڊائريڪٽر کي ڪنهن جي اجازت سان هڪ آفيسر جي حيثيت ۾ توهان خط لکيو؟ سموري لکپڙهه ۾ توهان پاڻ کي نيڪسٽ ٽو سيڪريٽري لکي پنهنجي اصل سڃاڻپ بطور سينيئر اسپيشل سيڪريٽري ڪٿي به ناهي لکي،  اوهان آفيس جو رڪارد خانگي ماڻهن کي ڏئي انهي اداري جي ڪردار ڪشي ڪئي آهي، اوهان ملازمن جي ترقين جا غير قانوني نوٽيفڪيشن اسمبلي جي اسپيڪر توڙي سيڪريٽري جي اجازت کانسواءِ ڪيئن جاري ڪيا؟  اوهان ايڊمنسٽريشن برانچ جي آفيشل رڪارڊ کي نقصان پهچايو، ڪيترن ئي آفيسرن ۽ ملازمن جا ذاتي فائيل ٻاهر کڻي ويا آهيو، اوهان ترقين ۽ ڀرتين جي رڪارڊ ۾ هيرا ڦيري  ڪئي، انهي ڪري اوهان ستن ڏينهن ۾ پنهنجو جواب لکت ۾ ڏيو. ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي معطل ٿيل سينيئر اسپيشل سيڪريٽري محمد خان رند ٻڌايو ته هن پنهنجي قانوني اختيارن تحت پنهنجو ڪم ڪيو آهي، عدالتن جي طلب ڪري عدالتن ۾ رڪارڊ ڏنو آهي، جاري ڪيل چارج شيٽ جو قانوني طريقي سان جواب ڏيندس، ٻئي طرف ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته سنڌ اسمبلي جي آفيسرن وچ ۾ هلندڙ سرد جنگ کانپوءِ اسمبلي  جي اسپيڪر سينيئر اسپيشل سيڪريٽري محمد خان رند کي معطل ڪري ڇڏيو آهي.