ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر ۽ اڳوڻي وفاقي وزير علي زيدي اڳوڻي وڏي وزير لياقت جتوئي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته لاهور ۾ وري تماشو لڳايو ويو، رياستي دهشتگردي ۾ ملوث سمورن پوليس اهلڪارن کي واپس آندو ويو، عمران خان کي گرفتار ڪرڻ جو پروگرام جوڙيو ويو، پر عمران خان اسان جي ريد لائين آهي انهي جي گرفتاري سان ملڪ کي وڏو نقصان ٿيندو، فواد چوڌري جي گرفتاري جي مذمت ڪريون ٿا، هن چيو ته عمران خان تي حملي سان ڇا ملڪي بحران ختم ٿي ويندا؟ اليڪشن ڪميشن مقدس ڳئون آهي ڇا جو جيڪو سوال ڪري ٿو ته انهي کي توهين جو نوٽيس اماڻين ٿا، بلدياتي نتيجا تبديل ڪيا ويا، ڏوهارين جا سنڌ ۾ ڪيس ختم ڪيا پيا وڃن، عذير بلوچ 25وين ڪيس مان به بري ٿي ويو، محسن نقوي وفاداري ڏيکاري پي ٽي آءِ مخالف هجڻ جو ثبوت ڏنو آهي، پر اهي سمورا عارضي اختيار آهن، لياقت جتوئي چيو ته دادو ۾ وڏي پئماني تي بلدياتي اليڪشن ۾ ڌانڌلي ٿي، عمران خان ملڪ ۾ صاف ۽ شفاف اليڪشن چاهي ٿو، اسان اهو ملڪ انهي لاءِ ناهي ٺاهيو جو زرداري ۽ نواز شريف انهي ملڪ جا پئسا کائي وڃن،