ڇا اسان واقعي آزاد آھيون؟

0
308
ڇا اسان واقعي آزاد آھيون؟

                 ننڍپڻ ۾ جشن آزادي 14 آگسٽ جو تمام گھڻو انتظار ھوندو ھو.انھي ڏينھن اسڪول ۾ خاص تيار ٿي پاڪستاني جھنڊي جو بيج لڳائي، پلاسٽڪ جي ڏنڊي ۾ ھنيل جھنڊي کڻي اسڪول وڃڻ جو مزو ئي پنھنجو ھوندو ھو. ھڪ عجيب اڻ ڄاتل خوشي محسوس ٿيندي ھئي ته اسانجي آزادي جي جشن جو ڏينھن آھي.اڄوڪي ڏينھن اسان مڪمل طرح سان آزاد ٿيا ھئاسين ۽ ايئن لڳندو ھو ھاڻي اسان تي ڪا پابندي نه ھوندي. سوچيندا ھئاسين ته انگريزن جي حڪومتي پاليسين جتي اسان کي ھر شعبي ۾ پوئتي ڌڪيو ھو، انھن راھن تي وري نئين سر گامزن ٿينداسين.ٻالڪپڻ واري ذھن ۾ جٿي گھريلو پريشانين جو شعور به نه ھوندو ھو اتي مضبوط احساس ھوندا ھئا ته اسين مڪمل آزاد آھيون. اسڪول ۾ ترتيب ڏنل پروگرام لاءِ صبح سوير اٿي تقرير ذھن ۾ دھرائيندا ھئاسين جنھن ۾ باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح جون ڪوششون ۽ تعريفون ھونديون ھيون.علام اقبال توڙي سر سيد احمد خان تي به ڪجھه جملا ھوندا ھئا.

دل جي آئيني ۾ سڀ عڪس پنھنجي چھري جيان خوشحال ٻار لڳندا ھئا. استادن جا لفظ ٻڌي حب الوطني جو جذبو وڌيڪ پختو ٿيڻ لڳندو ھو.ايئن لڳندو ھو ھاڻي مذھبي۽ سماجي، آزادي ملي وئي آھي ھاڻي ڪو به بنا سبب جي اسانجو آواز دٻائي نه سگھندو.وطن عزيز ۾ اسان سان ڪا نا انصافي نه ٿيندي. سوچون جيئن ته سمنڊ جيان گھريون ۽ خاموشي سان لڪل نه ھيون جيڪي ذھن دل ودماغ ۾ آيو سو چئي ڇڏڻ ۽ اظھار ڪرڻ جي عجيب عادت ھئي اتي اھو به يقين ھوندو ھو ته ھتي ڪو به بغض ڪينو ۽ لالچ دل ۾ نه لڪائيندو.

اسان ھر وقت امن جا گيت ڳائي جھڳڙن کي خدا حافظ ڪنداسين.اھو تلاءَ جنھن کي الڳ ڪيو ويو آھي ان ۾ گدلو پاڻي  يا  گندي مڇي اچڻ جي جرئت ئي نه جوٽي  سگھندي.ھن پاڪستان جي گلشن جا گل سدائين ساوا ۽ خوشبو سان مھڪيل ھوندا.ڪچي ذھن جون پازيٽو سوچون ايتريون ته  ايڊوانس ھيون جو ٽي وي تان ڪا مار ڌاڙ جي خبر يا ناانصافي جي رپورٽ ڏسي دل چوندي ھئي ته پڪ سان ٻي پاسي جي خبر آھي. ڇوته اسانجي استادن ته آزادي واري ڏينھن چيو ھو ته ھتي سک ۽ سلامتي ئي ھوندي.  وطن آزادي بعد خوشحال ھوندو.

1947ع کان ويندي اڄ تائين گذريل 75 سالن دوران ٽي لفظ اهڙا آهن جن کي ٻڌڻ شرط لڱ ڪانڊارجي ٿا وڃن. هڪڙو لفظ ”محبت“ ٻيو ”صوفي“ ۽ ٽيون ”مني پاڪستان“. محبت جو لفظ ٻڌي اسان انگريزن جي دوءر  ۾ سنڌ اسيمبليءَ کان پاڪستان ٺاهڻ جو ٺهراءُ منظور ڪرايو. اسان 1940ع واري قرارداد تي به ايمان آندو جنهن تحت اهو يقين ڏياريو ويو هو ته پاڪستان جا سمورا صوبا خودمختيار ۽ اسٽيٽ جو درجو رکندا. پاڪستان ٺهڻ شرط سنڌ جي سمورن اقتصادي وسيلن، صنعتن، ڪاروبار ۽ روزگار تي ڌاريا قابض ٿي ويا. سنڌين کي ”صوفي“ هئڻ جو درجو ڏيئي اهو چيو ويو ته هو مونن ۾ منهن وجهي غربت ساڻ زندگي گذارين. پاڪستان ٺهڻ شرط لاهور، پشاور ۽ ڪوئيٽا بدران ڪراچيءَ کي ” مني پاڪستان“ ٺاهيو ويو . ڏسندي ئي ڏسندي لکن جي تعداد ۾ پنجاب، اڳوڻي سرحد، فاٽا، آزاد ڪشمير ۽ ٻين ڪيترن ئي ملڪن مان ڌاريا سنڌ ڏانهن ڪاهي آيا. انهن کي ڪراچي ۽ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ هزارين وڏا ڪارخانا هڻڻ جا لائسنس ۽ بئنڪن طرفان وڏا قرض ڏنا ويا. اهڙي طرح هو نه فقط وڏين صنعتن جا مالڪ بڻجي ويا بلڪه سنڌ جي سموري ڪاروبار تي به ڇائنجي ويا. سنڌ جون نوي(90) فيصد نوڪريون به ٻين صوبن کان آيل ماڻهن کي ڏنيون ويون. سنڌ جا ماڻھو پريان تماشو ڏسندا رهيا. سنڌ ۾ ڌارين جيڪي هزارين ڪارخانا هنيا انهن ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ لکن جي تعداد ۾ مزدور ٻين صوبن مان گهرايا ويا. سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙ سنڌي انهن ڌارين کي اهو عرض ڪندا رهيا ته اوهان سنڌ ۾ هٿين خالي آيا، اڄ ڪارخانن جا مالڪ ٿيا آهيو، اسان کي گهٽ ۾ گهٽ پاڻ وٽ ” نوڪر“ ته رکو مگر هو ايتري ڳالهه به مڃڻ لاءِ تيار نه ٿيا. پاڪستان ٺهندي اڃا ڏهه سال مس گذريا هئا ته اسرار بندن 1958ع ۾ جنرل ايوب خان جي سربراهي هيٺ مارشل لا هڻي ملڪ تي قبضو ڪري ورتو. پوءِ جنرل ايوب خان پاڪستان جا ٽي درياءَ هندستان کي وڪڻي ڇڏيا. نتيجي طور پنجاب ”دو آب“ بڻجي ويو. ساڳئي وقت فوجي حاڪمن مشرقي پاڪستان، سنڌ ۽ بلوچستان جي عوام جا حق مارڻ لاءِ ”ون يونٽ“ نافذ ڪيو جنهن تحت سنڌ جو تاريخي نالو ختم ڪري پوسٽ وارن کي حڪم ڏنو ويو ته جيڪو شخص حيدرآباد سنڌ يا لاڙڪاڻو سنڌ لکي ته اهڙا خط ساڙيا وڃن. هنن سنڌي ٻوليءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪيترائي خوفناڪ فيصلا ڪيا. جيئن ته ايوب خان جو تعلق صوبي سرحد سان هو  ان ڪري اتي جي ذري گهٽ اڌ آباديءَ کي سنڌ ڏانهن منتقل ڪري، کين هتي روزگار ڏنو ويو. بلوچستان ۾ جن اڳواڻن حق گهرڻ جي ڳالهه ڪئي، انهن مان ڪيترن کي سندن اولاد سميت ڦاهيون ڏنيون ويون.

اڄ جڏھن خاموشي سان دٻيل پيرن سان پنھنجي ٻالڪپڻ واري ماضي ۾ داخل ٿيس ته مان ته حيران رھجي ويس.اھي ڏينھن ڪيڏي نه مزي وارا ھئا.جيڪو ڪجھه غلط ٿيندو ھو ته به خبر نه پوندي ھئي.اڄ سنڌ سميت سڄي ملڪ تي نظر ڦيرايان ٿو ته ھر پاڪستاني کان ھڪ سوال پڇڻ تي دل ٿي ڪري جنھن جو جواب ڳولڻ جي باوجود نٿو ملي ته،

ڇا اسان واقعي آزاد آھيون؟