تماشگاهه .. نفسا نفسي جو شڪار معاشرو

0
146
تماشگاهه ... ڍاڪا سانحو

 رانا عتيق الرحمان جي عمر پنجاهه سال جي لڳ ڀڳ هئي. هن تنگي، بيروزگاري ۽ ذهني دٻاءَ سبب ڳلي ۾ ڦندو لڳائي خودڪشي ڪري ڇڏي. موت کي پاڻ ڳلي لڳائڻ کان اڳ هن خبر نه آهي دل تي ڪهڙو پٿر رکي بي درديءَ سان پنهنجي ٻن ڌيئرن کي ذبح به ڪيو. هڪ ڌيءُ جي عمر 11 سال ٻيءَ جي 17 سال ٻڌائي وئي آهي. ڇا هنن جون اهي عمريون قتل ٿيڻ جهڙيون هيون؟ رانا جي گهر واري پهريان ئي لاڏاڻو ڪري وئي هئي. هوءَ فيصل آباد جي هڪ پاڙي محمود آباد ۾ ڪرائي جي گهر ۾ رهندا هئا. هن پنهنجي هٿ سان لکيل جيڪو خط ڇڏيو آهي ان موجب هن کي گهر جو ڪرايو هڪ لک 46 هزار رپيا ڏيڻو هو.  مالڪ مڪان محمد عثمان جون گهرجون ذهني دٻاءَ جو سبب بڻجي ويون جن ٽن ماڻهن جي حياتي وٺي ڇڏي. رانا پنهنجي لکڻي ۾ لکيو ته “مان رانا عتيق الرحمان پنهنجي ڌيئرن کي ڇريءَ سان ذبح ڪري ڇڏيو آهي ۽ محمد عثمان جو هڪ لک 46 هزار رپيا ڪرايو ڏيڻو آهي،

                 هن گهڻو تنگ ڪيو آهي مان هن گهر ۾ 15 سالن کان ڪرائي تي رهي رهيو آهيان، گهر واري جي لاڏاڻي کانپوءِ نوڪري نه هئڻ سبب گهڻو پريشان هيس ۽ پنهنجي لاءِ ڪا جڳهه نه آهي اسان جا جنازا ايڌي ويلفيئر کي ڏنا وڃن ۽ پوسٽ مارٽم نه ڪيو وڃي ۽ گڏيل قبر ٺاهي وڃي ۽ گهر جو سمورو سامان ايڌي ويلفيئر کي ڏنو وڃي.” اهي لفظ اهڙي بي وسيءَ ۾ لکيا ويا جنهن جو هاڻي ڪوبه ڪهڙي طرح به ازالو نٿو ڪري سگهي. رانا عتيق الرحمان فيصل آباد ۾ رهائش باوجود بيروزگار هو. ايڌي تي اعتماد جو عالم ۽ پنهنجي ۽ ٻن ڌيئرن جي هڪ ئي قبر ۾ دفنائڻ جي هدايت، ان ڳالهه جي عڪاسي آهي ته هن کي احساس هو ته ٽن قبرن کي تيار ڪرڻ جو قبر کوٽيندڙ خرچ وٺندا، قبر کوٽيندڙ به ته مهانگائي سبب قبر کوٽڻ جي پئسن ۾ اضافو ڪري چڪا آهن ڇو پاڙي وارن تي بار وڌو وڃي. اهي پاڙي وارا جن زندگي ۾  پڇا نه ڪئي ته رانا پنهنجي موت کانپوءِ هنن جو احسان ئي نه پيو کڻڻ چاهي، پنهنجو بچيل سامان به ايڌي جي حوالي ڪرڻ جي وصيت. ايڌي تي اعتماد ڪيو، ڊپٽي ڪمشنر آفيس تي اعتماد نه ڪيو، اهو اعتماد بحال ڪرائڻ جي سخت ضرورت آهي.

فيصل آباد هڪ اهڙو صنعتي شهر آهي جيڪو پنهنجي پيداواري سامان کي نظر ۾ رکندي ڪنهن جغرافيه جو محتاج يا پابند نه آهي جتي هڪ شخص کي روزگار نه مليو هو. فيصل آباد ۾ دولتمند ماڻهن جي گهٽتائي به نه آهي. هر گلي، پاڙي ۽ ڪنڊ ۾ پئسي وارا ماڻهو موجود آهن. پئسي وارن هن شهر مان ڪمائي پنهنجا پاڙا تعمير ڪرايا آهن. پر هن شهر ۾ غريبن جا ڳوٺ به موجود آهن جتي هو رهائش پذير آهن جيڪي وڏن ماڻهن جي گهرن ۽ ادارن ۾ گهٽ پئسن ۾ ملازمت ڪندا آهن. ملازمن کي گهٽ ۾ گهٽ اجورو ادا ڪرڻ پوري ملڪ ۾ اسان جو پيشو بڻجي ويو آهي. اسان جو احساس اسان کي ندامت تي مجبور ئي نه ڪندو آهي. اڪثر خبرون پڙهڻ ۾ اينديون آهن ته مالڪن گهريلو ملازم ٻارن تي تشدد اهڙي طرح ڪيو جو اهي فوت ٿي ويا. گهرن ۾ ماڻهو بک ۽ آمدني جا ذريعا نه هئڻ سبب پنهنجي ٻارن کي اهڙن ماڻهن جي گهرن ۾ به ڪم ڪرڻ لاءِ ٻن وقتن جي ماني جي بدران ڇڏي ڏيندا آهن. هي پٿر دل وڏا ماڻهو ٻن وقتن جي ماني به پنهنجي بچيل ماني سموري ڏينهن جي محنت کانپوءِ ڏيندا آهن.

ماڻهن جي ڳالهه ڪرڻ ته ان لاءِ فضول آهي جو دولت سبب يا خوشحالي سبب اکين جي روشني ڌنڌلي ٿي وئي آهي. دولتمند ماڻهو انهن ڳوٺن طرف وڃڻ ته پري جي ڳالهه پر اک کڻي ڏسڻ به گوارا ناهن ڪندو، جتي هنن جا خدمتگار بي وسي جي عالم ۾ رهندا آهن. پر ڳالهه اها آهي ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون ڪٿي آهن؟ مڪاني ادارا ڪٿي آهن، بيت المال ڪٿي آهي،زڪوات جو سرڪاري ادارو ڪٿي آهي، اهي سمورا ادارا جتي ويٺي ويٺي هر مهيني معاوضن تي ملازم رکيا ويندا آهن، ڇو حرڪت ۾ نه ايندا آهن، اهي سرڪاري کاتا ڇو نه ايڌي، ڇيپا، سيلاني جهڙا نالا پيدا ڪري سگهيا جتي ضرورتمند اکيون بند ڪري پهچي ويندا آهن ۽ پنهنجون ضرورتون پوريون ڪري وٺندا آهن. يا ريسڪيو 1122 جهڙي تيز رفتاري ڇو نه ٿي پيدا ڪري سگهيا، ڪيڏانهن وئي ڊپٽي ڪمشنر جي آفيس جنهن کي پنهنجي علائقي ۾ پَنُ چُرڻ جي خبر ته پئجي ويندي آهي پر بک مرندڙ جي آهه جو علم نه ٿي سگهندو آهي.  “پوءِ جڏهن اهي آءِ سي ايس جي تربيت حاصل ڪري ڏڪار سٽيل بنگال جي ڳوٺ تملوڪ ۾ رضاڪاراڻي طور تي ايس ڊي او مقرر ٿيندو آهي ته بک ۾ تڙپي تڙپي مرندڙن ۾ چانورن جا سرڪاري گودام لٽائي ڇڏيندو آهي جيڪي سرڪار جاپانين جي حملي جي خيال ۾ ذخيرو ڪيا هئا. ان تي هن کي جاپانين جو ايجنٽ يا ڪانگريس جي هندوستان ڇڏي ڏيو تحريڪ جو تخريبڪار ڄاڻائي گهاڻي ۾ پيڙهائي سگهجي پيو. پر هن خلق خدا کي بي موت مرندي ڏٺو ته ان نتيجي کان بي پرواهه ٿي ٻوريون خالي ڪرائي ڇڏيون.”  اهو ذڪر احمد بشير، قدرت الله شهاب جو خاڪو لکندي لکيو آهي. اهڙا ڪيترائي واقعا موجود آهن جڏهن اختيار رکندڙن کان خلق خدا کي بي موت مرندي ڏٺو نه ويو ۽ هنن انسانن کي بچائڻ لاءِ ڪارروائي ڪري ڇڏي.

حڪومت کي ڪو اهڙو نظام آڻڻ گهرجي جو انتهائي ضرورت کي نظر ۾ رکندي ضرورت مند هڪ آواز ڏي ۽ ٻئي آواز کان اڳ ئي هن جو مسئلو حل ٿي وڃي. جيڪڏهن ڪو شهري پنهنجي ضرورت کان مجبور ٿي ڪري 10 کان 15 هزار رپيا طلب ڪري ٿو ته انتظاميا آفيسر هن جي فوري سهائتا ڪري ڇڏين. مسجد جي پيش امام حضرات جي گواهي به ٿي سگهي ٿي. پاڙيوارن جي سفارش به ٿي سگهي ٿي، اها سهائتا شروع ۾ ڪنهن تحقيق يا سرڪاري لک پڙهه کانسواءِ ٿيڻ گهرجي. پهريون مسئلو انسان جو پيٽ ڀرڻ هوندو آهي، ڪاغذ جو پيٽ ته ڪنهن به وقت ڀري سگهجي ٿو. پهريون مسئلو رانا عتيق الرحمان ۽ هن جي ٻن ڌيئرن جي مانيءَ جو بندوبست ڪرڻ هو ۽ هن جي گهر جو ڪرايو ادا ڪرڻو هو. ڪو مالڪ مڪان عثمان کان به ته پڇا ڪري ته پنهنجي ڪرائيدار جي تنگيءَ جو ئي خيال ڪري وٺي ها ته 3 انساني جانيون ضايع ٿيڻ جو گند اوهان تي به نه ڪري ها. ڇا ڪنهن جي ڏهه هزار رپين سان مدد ڪرڻ ڪنهن کاتي يا ڪنهن آفيسر لاءِ ذاتي طور تي به ڏکي ڳالهه آهي.؟ خلق خدا جو تمام وڏو تعداد ملڪ ۾ ڪرائي جي گهرن ۾ رهائش پذير آهي. هر ضلعي ۾ تمام گهٽ وسيلن وارا ماڻهو جن جي گهرن جو ڪرايو 20 هزار رپين کان گهٽ هجي، رجسٽر ڇو نه ٿا ٿي سگهن،

اهو ڪرايو حڪومت ڇو نه ٿي برداشت ڪري سگهي. حڪومت ڇو نه ٿي وظيفو مقرر ڪري سگهي. ڇا حڪومت جي خزاني ۾ غريب ماڻهن لاءِ پئسا نه آهن، جيئن ته خوشحال ماڻهن تي حڪومت سڀ ڪجهه لٽائڻ تي راضي رهندي آهي.  اهو فرق ۽ خراب رويو اسان کي اهڙي جاءِ تي وٺي وڃي رهيو آهي جتان واپسي ناممڪن هوندي. هن ملڪ جي وسيلن تي امير ۽ غريب ماڻهن جو برابر جو حق آهي. امير تي سڀ ڪجهه لٽائڻ لاءِ حڪومت تيار رهندي آهي پر غريب کان سڀ ڪجهه لڪائڻ حڪومت جو نظام بڻجي ويو آهي.

اها به حيرت جي ڳالهه آهي ته اسان جي ميڊيا ان واقعي کي هڪ سنگل ڪالم کان وڌيڪ جاءِ نه ڏني جيئن ته اها خبر فرنٽ پيج تي وڏي انداز ۾ شايع ٿيڻ گهرجي ها. ڪيترين ئي اخبارن ته خبر کي ڪنهن اهميت جي قابل ئي نه سمجهيو. ميڊيا پنهنجي پڙهندڙن ۽ ڏسندڙن کي سياست تي ٻڌل خبرون پڙهڻ ۽ ٻڌڻ جو عادي بڻائي ڇڏيو آهي. ڳالهه اها به آهي ته اخلاق تبديل ٿي ويا آهن، قدر بگڙجي ويا آهن، قدر گم ٿي ويا آهن، معاشرو نفسا نفسي جو شڪار ٿي ويو آهي، ڪنهن کي ان ڳالهه سان ڪو فرق نٿو پوي ته ڪير مري ويو، ڇو مئو، ڪيئن مري ويو، بس جيڪڏهن ٿوري به شناسائي آهي ته انا الله و انا اليه راجعون پڙهي سمجهندا آهن ته اسان پنهنجي ذميواري پوري ڪري ڇڏي.