ڇاڇرو (ن پ ا) ڇاڇرو شهر جي 5 وارڊن جي مختلف پاڙن ميشهوري پاڙو، ميگهواڙ، نهڙي، بجير، ڪنڀار، ڪمال ننگر،کتري پاڙي سميت 10کان وڌيڪ پاڙن ۽ شهر جي مختلف مارڪيٽن ۾ صفائي نه ٿيڻ سبب گندگي جا ڍير لڳي ويا آهن،   گٽر نالن جي صفائي نه ٿيڻ سبب گٽر نالا اٿلي پيا،گندو پاڻيءَ شهر جي گهٽين ۽ گهرن ۾ داخل ٿيڻ لڳو آهي، ڪنو پاڻي بيهڻ سبب رهواسي  50 کان وڌيڪ شهري مليريا ۾ مبتلا ٿي ويا آهن هلندڙ هفتي ۾ 150 کان وڌيڪ مليريا جا ڪيس ظاهر ٿيا آهن، 5 سو کان وڌيڪ ٻارڙا عورتون ۽ مرد پيٽ جي بيمارين جو شڪار ٿي ويا آهن، ان حوالي سان شهرين وڪيل امرت ڪمار شارڌا، اسحاق بجير، ساجن ميگهواڙ، سڪندر بجير، الجهڙيو نهڙي، قربان نهڙي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته شڪايتن باوجود ٽائون عملدار دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار ناهن، نوٽيس وٺي صفائي ڪرائي ڪنو پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي.